انگلينڊ جي بنگلا ديش کي 8 وڪيٽن تان شڪست

ابو ظهبي (ويب ڊيسڪ) ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي سپر 12 مرحلي ۾ انگلينڊ بنگلاديش کي 8 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي. انگلينڊ ۽ بنگلاديش جون ٽيمون گروپ ون ۾ شامل آهن. ٽاس هارائڻ کانپوءِ پهريان بيٽنگ ڪندي بنگلاديش جي ٽيم مقرر اوورن ۾ 9 وڪيٽن جي نقصان تي 124 رنسون ٺاهي سگهي. بنگلاديش طرفان مشفق الرحيم 29، ڪپتان محمود الله ۽ ناسم احمد 19-19، نور الحسن 16، مهدي حسن 11 رنسون ٺاهيون، ٻين مان ڪو ڊبل فگر ۾ به نه پهتو، انگلينڊ طرفان تائمل ملز بهترين بالنگ ڪندي 3 شڪار ڪيا. جواب ۾ انگلينڊ جي ٽيم گهربل هدف 14.1 اوورن ۾ ٻن وڪيٽن جي نقصان تي حاصل ڪري ورتو. جيسن راءِ 61 رنسن جي شاندار اننگز کيڏي آئوٽ ٿيو، جڏهن ته ڊيوڊ ملان 28، جوز بٽلر 18 ۽ جوني بيئراسٽو 8 رنسون ٺاهيون. ميچ جو بهترين رانديگر جيسن راءِ کي قرار ڏنو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو