ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)انگلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيم 17 سالن کانپوءِ پاڪستان جي دوري لاءِ سڀاڻي ڪراچي پهچندي. انگلش ٽيم جو ڪپتان جوس بٽلر سڀاڻي 2 وڳي پريس ڪانفرنس ڪندو. ان کان علاوه پاڪستان انگلينڊ سيريز جي پريڪٽس شيڊول جو به اعلان ڪيو ويو آهي، انگلينڊ ٽيم جو پهريون پريڪٽس سيشن جمعي جي شام ٿيندو، جڏهن ته پاڪستان ۽ انگلينڊ جون ٻئي ٽيمون ڇنڇر تي پريڪٽس سيشن ڪنديون. سيريز جي شروعات 20 سيپٽمبر تي ڪراچي مان ٿيندي. سيريز جا پهريان چار ميچ 20، 23، 22 ۽ 25 سيپٽمبر تي نيشنل اسٽيڊيم ڪراچي ۾ کيڏيا ويندا، جڏهن ته شيڊول ميچون 28، 30 سيپٽمبر ۽ 2 آڪٽوبر تي قذافي اسٽيڊيم لاهور ۾ کيڏيون وينديون.










