لنڊن(ويب ڊيسڪ)برطانوي کدڙي ريان سينڊرسن جي گهر ٻار پٽ ڄمڻ جي خبر پوري دنيا کي حيران ڪري ڇڏيو آهي. ڊيلي ميل موجب ريان 24 سالن جو آهي ۽ انگلينڊ جي شهر مانچسٽر ۾ رهندو آهي. پنهنجي انٽرويو دوران ريان سينڊرسن انڪشاف ڪيو ته هوءَ ڇوڪريءَ جي حيثيت ۾ پيدا ٿي هئي پر بعد ۾ هن پاڻ ۾ ڪجهه غير معمولي تبديليون محسوس ڪيون جنهن جي ڪري هن پنهنجي جنس تبديل ڪرائي ۽ تبديلي جي نائين مرحلي دوران کيس پيٽ ٿي ويو ۽ هاني کيس ٻار پيدا ٿيو آهي.










