عمرڪوٽ(رپورٽ مشتاق مهر) ڳوٺ انڙ آباد ۾ لڳايل آر او پلانٽ ھڪ مھينو ھلڻ بعد ڪافي وقت کان بند پيل آھي، جنھن ڪري انڙ آباد ۾ رھندڙ انڙ، ڇڇر، آريسر، مڱريا جوڻيجا، ميگھواڙ، ڀيل، ڪولھي، اوڏ برادري سميت ٻين برادرين جا ڪيترائي خاندان پيئڻ جي صاف پاڻي جي ڦڙي لاء سخت پريشان آهن. ڳوٺاڻن موجب لڳايل آر او پلانٽ بند ھجڻ سان گڏ آر او پلانٽ جي مشينري موٽر، بيٽريون ٻيو ڪجھ سامان ھن پلانٽ تي مقرر ڪيل آفيسر کڻي ويا آھن، جيڪو سامان واپس ناھي ٿي سگھيو. ڳوٺاڻن ۽ سماجي حلقن سردار خادم علي انڙ، سيباڻو راڄڙ، عبدالغني ھاليپوٽو، فقير محب منڱريو ۽ ٻين چيو ته ڳوٺاڻن کي پيئڻ لاء پاڻي نه ملڻ ڪري علائقي واسين جو جيئڻ جنجال بڻيل آھي ۽ بند پيل آر او پلانٽ ھلائڻ لاء اسان وس وارن کان اپيل ٿا ڪريون ته نوٽيس وٺي ڳوٺاڻن کي تڪڙي بنياد تي پاڻي جي فراھمي شروع ڪري بيچيني ختم ڪئي وڃي.
عمرڪوٽ(ڊ ر) عمرڪوٽ شھر ۾ بدامني چوٽ چڙھي ويئي آھي گذريل ھفتي دروان شھرين مظھر ڪنڀر، مير حسن، غلام علي ڪنڀر ۽ ٻين جون موٽر سائيڪلون چور گھرن ۽ بئنڪن آڏو بيٺل ڏينھن ڏٺي جو چوري ڪري ويا. موٽر سائيڪلن جي چوري خلاف عمرڪوٽ جي شھرين پاران پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو. متاثرن چيو تہ عمرڪوٽ پوليس ننڍ ستل آھي جنھن سبب چور سرگرم بڻجي مسڪين ماڻھن جو گھرن، بئنڪن ۽ دڪانن آڏو بيٺل 10 کان وڌيڪ موٽر سائيڪلون چوري ڪري ويا آھن، شڪايتن باوجود پوليس ڪاروائي ڪرڻ لاءِ تيار ناھي، ھنن چيو تہ شھر ۾ ھڪ چاٻي چور گروپ آھي جنھن جي طريقا واردات ساڳيا آھن. متاثرن ڊي آءِ جي ميرپورخاص کان مطالبو ڪندي ايس ايڇ او سٽي کي ھٽائي شھر ۾ ڦھليل بدامني کي ٻنجو ڏيڻ ۽ چوري ٿيل موٽر سائيڪلون واپس ڪرائڻ جي گھر ڪئي آھي.