انڊين پريميئر ليگ، امپائرن ۽ رانديگرن کي ملندڙ فيس

انڊين پريميئر ليگ، امپائرن ۽ رانديگرن کي ملندڙ فيس

ممبئي(ويب ڊيسڪ)انڊيا ٽوڊي جي هڪ رپورٽ ۾ انڊين پريميئر ليگ (آئي پي ايل) ۾ شامل امپائرز جي پگهارن بابت اهم انڪشاف ڪيو ويو آهي. آئي پي ايل 2025 ۾ آن فليڊ امپائرز کي في ميچ 3 لک ڀارتي رپيا ڏنا وڃن ٿا، جڏهن ته چوٿين امپائر کي في ميچ 2 لک رپيا ڏنا وڃن ٿا. ٻئي طرف، آئي پي ايل 2025 ۾ ميچ کيڏندڙ ٽيم جو متبادل رانديگر به 7 لک 50 هزار ڀارتي رپيا ڪمائي ٿو، جيڪو فرنچائز طرفان معاهدي تحت ملندڙ بنيادي پگهار کان علاوه آهي. واضح رهي ته آئي پي ايل جو جاري رٿيل سيزن جو فائنل 25 مئي تي ايڊن گارڊنز، ڪولڪتا ۾ کيڏيو ويندو. ياد رهي ته پي ايس ايل جي هلندڙ سيزن جو سڀ کان مهانگو پليئر ڪراچي جو ڪپتان ڊيوڊ وارنر آهي جنهن کي 3 لک ڊالر پگهار ڏني وئي، سندس ميچ فيس ان کان الڳ آهي. پي ايس ايل جي پلاٽينيم ڪيٽيگري وارن پليئرز کي 2 لک 40 هزار ڊالر پگهار ملندي آهي

پهنجو تبصرو موڪليو