شڪارپور (عبدالخالق سومرو) شڪارپور ويجھو ڪار ڦر جي ڪوشش ناڪام، پوليس مقابلي ۾ ٻح زخمي ڏوھارين سميت ٽي ڄڻا گرفتار، ھٿيار ھٿ. خبر موجب شڪارپور جي علائقي خانپور ويجھو انڊس ھاءِ وي تي ھٿياربند ڪار ڦرڻ ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رھيا ھئا ته خانپور پوليس پھتي ۽ مقابلو ٿي پيو، پوليس ڦر جي ڪوشش ناڪام بڻائيندي مقابلي بعد ٻن زخمي ڏوھارين سميت ٽن ڏوھارين کي گرفتار ڪري انھن جي قبضي مان ٻه ٽي ٽي پسٽل ۽ ھڪ ڪلاشنڪوف برآمد ڪري ورتو، گرفتار ٿيل ڏوھاري واجد علي ولد رحيم بخش جتوئي چئن ڪيسن ۾ پوليس کي گھربل ھو، جڏھن ته زخمي ڏوھارين کي پوليس تحويل ۾ خانپور اسپتال منتقل ڪيو ويو.










