انڊر 19 ورلڊ ڪپ، ڀارت هٿان پاڪستان کي بدترين شڪست

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) آءِ سي سي انڊر 19 جي سيمي فائنل ۾ ڀارت پاڪستان کي 10 وڪيٽن تان شڪست ڏئي آساني سان فائنل ۾ پهچي ويو. پاڪستان ڀارت کي فتح لاءِ 173 رنسن جو هدف ڏنو جيڪو هن بغير ڪنهن نقصان جي پورو ڪيو. ڀارت طرفان يشاسوي جيسوال شاندار بيٽنگ جو مظاهرو ڪندي 105 ۽ ديويانش سڪسينا 59 رنسون ٺاهي پنهنجي ٽيم کي ڪاميابي ڏياري ۽ پاڪستاني بالر هڪ به وڪيٽ حاصل نه ڪري سگهيا. واضح رهي ته پاڪستاني ڪپتان روحيل نذير ٽاس کٽي پهرين بيٽنگ جو فيصلو ڪيو هو ۽ پاڪستان جي پوري ٽيم 43 اوورن ۾ 172 رنسون ٺاهي مقرر اوورن کان اڳ ئي آل آئوٽ ٿي وئي هئي. پاڪستان طرفان حيدر علي 56 ۽ ڪپتان روحيل نذير 62 رنسون ٺاهي نمايان رهيا جنهن کان پوءِ ڪو به رانديگر ڀارتي بالرن اڳيان ڄمي نه سگهيو اهڙي طرح گرين شرٽس جو سفر سيمي فائنل ۾ پورو ٿي ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو