ڪي پي وڏي تباهي کان بچي ويو، دهشتگردن جو نيٽ ورڪ پڪڙجي پيو

ڪي پي وڏي تباهي کان بچي ويو، دهشتگردن جو نيٽ ورڪ پڪڙجي پيو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)انٽيليجنس ادارن بروقت ڪارروائي ڪري خودڪش حملن جي وڏي نيٽ ورڪ کي پڪڙي خيبرپختونخواهه کي وڏي تباهي کان بچائي ورتو.انٽيليجنس ذريعن موجب، سرحد تي حملي آورن جي قبضي مان افغان موبائل سم، منشيات ۽ ڪرنسي هٿ ڪئي وئي.ذريعن جو چوڻ آهي ته 19 جنوري تي جمرود تخت بيگ چيڪ پوسٽ تي آپگهاتي بمبار داخل ٿيو، حملي آور جي فائرنگ سان 3 پوليس اهلڪار شهيد ٿي ويا، فائرنگ بعد آپگهاتي بمبار پاڻ کي ڌماڪي سان اڏائي ڇڏيو.ذريعن موجب سڪيورٽي فورسز گولين جا خول ۽ جسم جا حصا فرانزڪ لاءِ گڏ ڪيا، جيو فينسنگ ۽ سي سي ٽي وي وڊيوز جو تجزيو ڪيو ويو ۽ پوءِ مليل ڄاڻ موجب 21 جنوري تي ٿيل آپگهاتي حملي جي پويان عمر نالي ٽي ٽي پي آپريٽو جو هٿ هو. تحصيل جمرود جي رهواسڻ سيتا جان پاران ٽي ٽي پي ميمبر عمر کي سهولتڪاري ڏني وئي، 23 جنوري تي آپگهاتي بمبار ۾ ملوث ٻن جوابدارن فرمان الله ۽ عبدالقيوم کي گرفتار ڪيو ويو، آپريشن ڪيو ويو، آپريشن جي سهولتڪار فضل امين، فضل امين احمد، محمد عامر ۽ حمدالله کي حراست ۾ ورتو ويو.انٽيليجنس ذريعن موجب ستانا جان خلاف ڪارروائي ۾ 2 افغان شهري به پڪڙيا ويا، سهولتڪار فضل احمد انڪشاف ڪيو ته آپگهاتي بمبار افغان شهري هو، ستانا جان خودڪش بمبار کي پاڪستان کڻي آيو هو، ستانا جان پاڻ هٿيار ۽ خودڪش ويسٽ به فراهم ڪئي هئي. ذريعن موجب سهولتڪار فضل احمد 18 جنوري تي پنهنجي موبائيل فون تان منظر جون تصويرون ورتيون، ستانه جان پابندي مڙهيل تحريڪ طالبان پاڪستان اتر وزيرستان کي هلائي رهي هئي، ستانا جان 4 گهرن کي لڪائڻ لاءِ استعمال ڪري رهيو هو، اهو گهر آپگهاتي حملن لاءِ استعمال ڪيو ويو. انٽيليجنس ذريعن جو چوڻ آهي ته افغان آپگهاتي بمبار کي سندس هينڊلر افغانستان مان موڪليو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو