انٽر جي نتيجن تي شاگردن جو احتجاج، ڪميٽي قائم

انٽر جي نتيجن تي شاگردن جو احتجاج، ڪميٽي قائم

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي ۾ انٽر سال پهرين جي نتيجن ۾ وڏي انگ ۾ شاگردن جي ناڪامي تي شاگردن ۽ والدين جي احتجاج تي تعليم کاتي ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي.ان حوالي سان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب تعليم کاتي جي ڪميٽي ۾ ريجنل ڊائريڪٽر ڪاليجز ۽ ايڊيشنل سيڪريٽري ۽ ٻيا شامل آهن. نوٽيفڪيشن موجب ڪميٽي 7 ڏينهن اندر پنهنجي رپورٽ تعليم کاتي کي پيش ڪندي.ان کان اڳ انٽر بورڊ ڪراچي جي پهرين سال جي نتيجن خلاف شاگردن جي وڏي انگ ڪراچي پريس ڪلب تي احتجاج ڪيو.احتجاج ڪندڙن جو چوڻ هو ته ساڻن ناانصافي ڪئي وئي ۽ کين ناڪام يا گهٽ مارڪون ڏنيون ويون جنهن سبب سندن مستقبل تباهه ٿي ويو.احتجاج ڪندڙن چيو ته ڪراچي بورڊ جا نتيجا 35 سيڪڙو آهن جڏهن ته ٻين بورڊن جي نتيجن جو تناسب ٻيڻو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو