ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)آمريڪي ڊالر جي قيمت ۾ مسلسل گهٽتائي جو سلسلو جاري آهي، انٽر بئنڪ ۾ ڊالر اڄ به سستو ٿي ويو آهي.انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 90 پئسا سستو ٿيڻ کانپوءِ 294 رپيا 94 پئسا ٿي ويو.ڪالهه ڪاروبار بند ٿيڻ تي انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 294 رپيا 90 پئسا تي هو. پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ اڄ به ڪاروبار جو مثبت رجحان ڏٺو پيو وڃي.پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج 100 انڊيڪس 56 پوائنٽن جي واڌ سان 45 هزار 967 تي پهچي ويو. ڪالهه 100 انڊيڪس 45910 پوائنٽس تي بند ٿيو.










