ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)آمريڪي ڊالر جي قيمت ۾ مسلسل اضافو ۽ پاڪستاني رپيو جي قدر ۾ مسلسل گهٽتائي ٿي رهي آهي.اڄ صبح جو ڪاروبار شروع ٿيڻ کان وٺي ڊالر وڌيڪ قدر ڪيو آهي.انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 12 پئسا مهانگو ٿيڻ کانپوءِ 236 رپيا 20 پئسا ٿي ويو آهي.
اسٽاڪ ايڪسچينج: مثبت شروعات منفي رجحان ۾ تبديل
ٻئي طرف پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ اڄ ڪاروبار جي شروعات مثبت ٿي، جيڪا بعد ۾ منفي رجحان ۾ تبديل ٿي وئي.پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج 100 انڊيڪس پهريون وڌيو، پوءِ 156 پوائنٽس گهٽجي 41,615 تي اچي ويو.










