ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)انٽر بئنڪ مارڪيٽ ۾ آمريڪي ڊالر اڄ 17 پئسا سستو ٿي ويو، جڏهن ته اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر 2 رپيا مهانگو ٿي ويو.انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 17 پئسا سستو ٿيڻ بعد 287 رپيا 20 پئسا ٿي ويو.ٻئي طرف اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر 2 رپيا مهانگو ٿيڻ بعد 297 رپيا مهانگو ٿي ويو. پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ اڄ مثبت ڪاروباري رجحان ڏٺو ويو آهي.پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج 100 انڊيڪس 105 پوائنٽن جي واڌ سان 41 هزار 474 تي پهچي ويو.ڪالهه 100 انڊيڪس 41 هزار 369 پوائنٽس تي بند ٿيو.










