ڪراچي(بزنس رپورٽر)انٽر بئنڪ مارڪيٽ ۾ ڊالر ملڪي تاريخ جي بلند ترين سطح 190 رپين تي پهچي ويو، پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ به واپار جو منفي رجحان برقرار آهي.ملڪ ۾ ڊالر جي مقابلي ۾ رپئي جي لاٿ جو سلسلو جاري آهي، انٽر بئنڪ مارڪيٽ ۾ ڊالر ملڪي تاريخ جي بلند ترين سطح 190 رپين تي پهچي ويو آهي.اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر 1 رپيا 50 پئسا مهانگو ٿي ويو آهي، جنهن کانپوءِ ڊالر 191 رپيا 50 پئسا مهانگو ٿي ويو آهي.ٻئي طرف پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ به منفي واپار جو رجحان رهيو، 100 انڊيڪس 600 پوائنٽس کان وڌيڪ گهٽتائي سان 42901 جي سطح تي اچي ويو.










