انٽرنيٽ ڪيبل ڪٽجڻ سبب اڪثر ملڪن ۾ نيٽ متاثر

قاهره(ويب ڊيسڪ) مصر جي گادي واري شهر قاهره لڳ سمنڊ هيٺان ويندڙ انٽرنيٽ ڪيبل ڪٽجڻ سبب دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ انٽرنيٽ سخت متاثر ٿي آهي ۽ ڪٿي ته تمام گهڻو آهسته هلي رهي آهي. ماهرن ج چوڻ آهي ته سنگاپور کان فرانس تائين سمنڊ هيٺان وڇايل 24 ٽيرا بائيٽ جي ڪيبل 2 هزار ڪلوميٽر ڊگهي آهي. جنهن جي مرمت ۾ 2 هفتا لڳي سگهن ٿا. پاڪستان ۾ به انٽرنيٽ متاثر ٿي آهي ۽ ڪيترن شهرن ۾ نيٽ جي اسپيڊ سِلو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو