انٽرميڊيٽ امتحانن م ڪاپي روڪڻ لاءِ انٽظاميا سرگرم، شاگردن تي ڪيس داخل

ڪراچي(نمائندن وٽان) سنڌ ۾ انٽرميڊيٽ جي امتحانن ۾ ڪاپي روڪڻ لاءِ انتظاميا سرگرم، ڪاپي ۾ ملوث شاگردن ۽ تعليم کاتي جي ملازمن خلاف ڪاروائي تيز ڪئي وئي آهي. ڪمشنرز ۽ ڊپٽي ڪمشنر سرگرم ٿي ويا آهن ۽ پوليس جي مدد سان ڪافي حد تائين ڪاپي تي ضابطو آڻڻ ۾ ڪامياب نظر اچن ٿا. ڪمشنرسکررفيق احمد ٻرڙوسکر جي اسڪولن جا دورا ڪيا. سندس هدايت تي ڊي سي گهوٽڪي سليم الله اوڍو، ڪمشنر جي هدايت تي اوٻاوڙو جي مختلف اسڪولن جو دورو ڪيو ۽ چيڪنگ دوران ٽن شاگردن جا موبائل فون ضبط ڪري سندن خلاف ڪيس داخل ڪرايو آهي. ڊي سي گهوٽڪي ٻڌايو ته ڪاپي لاءِ هڪ واٽس ايپ گروپ ٺاهيو ويو آهي جنهن ۾ ڪسچن پيپر ۽ جواب موڪليا وڃن ٿا. هن چيو ته ايف آءِ اي کان موبائلز نمبرن جي فورنزڪ جاچ ڪرائي ويندي. ڪمشنر لاڙڪاڻو پڻ مختلف اسڪولن جا دورا ڪري چڪاس ڪئي. ميرپور خاص، بينظيرآباد، حيدرآباد ڊويزن ۾ پڻ ڪمشنر ۽ ڊپٽي ڪمشنر سرگرم نظرآيا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو