ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ملڪ ۾ ڊالر جي اونچي اڏام جاري آهي، انٽر بئنڪ ايڪسچينج ۾ ڊالر تاريخ جي بلند ترين سطح تي پهچي ويو.انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 2 رپيا 62 پئسا اضافي سان 232 رپيا 50 پئسا ٿي ويو آهي.ٻئي طرف لاهور چيمبر آف ڪامرس جي صدر ميان نعمان ڪبير هڪ بيان ۾ چيو آهي ته بينڪن کي انٽر بينڪ ريٽ کان 10 20 رپيا وڌيڪ وصول ڪرڻ تي خدشا آهن.هن چيو ته بئنڪن پاران اضافي پئسا وٺڻ سبب واپاري برادري ايل سيز کولڻ ۾ سخت مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهي آهي.صدر لاهور چيمبر نعمان ڪبير جو چوڻ آهي ته اسٽيٽ بئنڪ کي خاموش تماشائي بڻجڻ بدران ان صورتحال جو فوري نوٽيس وٺڻ گهرجي.
پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج، ڪاروبار جو مخلوط رجحان
پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج (PSX) ۾ صبح جي واپار ۾ مخلوط رجحان آهي. پي ايس ايڪس 100 انڊيڪس هن وقت 42 پوائنٽ هيٺ 39,801 تي آهي.










