ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) اطلاعات کاتي واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ انفارميشن ڪال سينٽر قائم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. هن اھڙو اعلان اطلاعات کاتي جي ڪارڪردگي جي جائزي وٺڻ لاءِ ڪوٺايل گڌجاڻي جي صدارت ڪندي ڪيو. هن چيو ته اطلاعات کاتي ۾ انفارميشن ڪال سينٽر قائم ڪيو ويندو ۽ سنڌ حڪومت جي سمورن کاتن کي انفارميشن ڪال سينٽر سان ڳنڍيو ويندو تہ جيئن سنڌ حڪومت جي پاليسين ۽ عوامي فلاح جي منصوبن بابت بروقت ۽ صحي اطلاعات فراهم ڪري سگھجي ، ان سان گڏ فيڪ نيوز ۽ حڪومت خلاف جعلي پروپيگنڊا جو مؤثر نموني جواب ڏئي سگھجي. صوبائي وزير ، اطلاعات کاتي واري سيڪريٽري کي انفارميشن ڪال سينٽر لاءِ PC-1 جلد تيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي. اجلاس ۾ اطلاعات کاتي جي ڪارڪردگي جو به جائزو ورتو ويو. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته کاتي جي ڪارڪردگي کي بهتر بڻايو وڃي، سنڌ حڪومت جي ترقياتي منصوبن جي مناسب پبلسٽي کي يقيني بڻايو وڃي. هن چيو ته سنڌ حڪومت هر شعبي ۾ بهترين ڪم ڪيو آهي، اها اطلاعات کاتي جي ذميواري آهي ته ان بابت عوام کي آگاهي فراهم ڪري. شرجيل انعام ميمڻ هدايت ڪئي ته ھن پاليسي گائيڊ لائين ڏئي ڇڏيون آهن ، کيس ان جي موٽ ۾ نتيجا گهرجن. هن چيو ته سوشل ميڊيا ونگ تي ڌيان ڏنو وڃي ۽ ان جي ڪارڪردگي کي وڌيڪ بهتر بڻايو وڃي، اجلاس ۾ سيڪريٽري اطلاعات نديم الرحمان ميمڻ، ڊائريڪٽر ايڊمن محمد يوسف ڪابورو، ڊائريڪٽر پبليڪيشن منصور راجپوت ، ڊائريڪٽر ايڊورٽائزمينٽ امتياز جويو، ڊپٽي ڊائريڪٽر ايڊورٽائزمينٽ سارنگ چانڊيو ۽ ٻين شرڪت ڪئي.










