نيويارڪ (ويب ڊيسڪ)انسٽاگرام جي سي اي او ايڊم موسيري چيو آهي ته ڪمپني ايپ جي سرچ فيچر کي بهتر بڻائڻ تي غور ڪري رهي آهي.هڪ پوڊ ڪاسٽ دوران، هن اعتراف ڪيو ته انسٽاگرام کي هن شعبي ۾ گهڻو ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي ته جيئن اهو مقابلي ڪندڙن سان مقابلو ڪري سگهي.هن هي بيان اهڙي وقت ۾ ڏنو جڏهن گهڻا نوجوان هاڻي انٽرنيٽ سرچز لاءِ گوگل جي بدران ٽڪ ٽاڪ جهڙين سوشل ميڊيا ايپس ڏانهن رخ ڪري رهيا آهن.آدم موسيري چيو ته اسان انسٽاگرام سرچ تي ڪم شروع ڪري رهيا آهيون ڇاڪاڻ ته ايپ ۾ تمام گهڻو شاندار مواد آهي.










