ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي لاءِ داخل درخواستن تي ٻڌڻي ٿي ،درخواستگذارن سميت پوليس اهلڪار عدالت ۾ پيش ٿيا ، 2017 کان گم ٿيل نينگري جي ماءُ عدالت کي ٻڌايو ته مون کي شق آهي منهنجي ڌيءَ پوليس گم ڪئي آهي ، منهنجي ڌيءَ 7 سال کان گم آهي، ڪو به ٻڌائڻ لاءِ تيار ناهي، عدالت چيو ته پوليس ڇوڪري کي ڇو غائب ڪندي ٿي سگهي ٿو اوهان جي ڇوڪري پاڻ ئي گهران هلي وئي هجي ، ڇوڪري جي ماءُ چيو ته پوليس کي جاچ ڪرڻ گهرجي ته هوءَ ڪٿي آهي، عدالت درخواست کي لاڳاپيل ضلعي عدالت موڪلي ڇڏي، پوليس عدالت کي ٻڌايو ته سولجر بازار ٿاڻي جي حد مان گم ٿيل سافٽ ويئر انجنيئر حسن واپس گهر پهچي ويو، عدالت حسن کان پڇاڻو ڪيو ته توهان ڪيڏانهن ويا هئا اوهان کي ڪير کڻي ويو هيو ؟، حسن عدالت کي ٻڌايو ته مون کي اکين تي پٽي هئي، خبر ناهي ڪير هيا ، مون کي پڙهڻو آهي، مان ڪيسن ۾ ڦاسڻ نٿو چاهيان،عدالت حسن جي واپسي بابت درخواست اڪلائي ڇڏي ، ڪي ايم سي ملازم محمد صابر منصوري جي خاندان جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي ، خاندان جي اڳواڻ محمد صابر 2016ع کان لاپتا آهي، ڪنهن کي خبر ناهي، عدالت محمد صابر جي بازيابي بابت درخواست وڌيڪ ڪارروائي لاءِ ضلعي عدالت ڏانهن موڪلي ڇڏي










