بيجنگ(ويب ڊيسڪ)’سائوٿ چائنا مارننگ پوسٽ‘ پنهنجي ذريعن جي حوالي سان خبر ڏني آهي ته ايپل جو 18 انچ جي اسڪرين وارو فولڊ ايبل آئي پيڊ پروجيڪٽ مختلف انجنيئرنگ جي مسئلن جو شڪار ٿي ويو آهي ۽ ان جي ممڪنه لانچ هڪ سال جي دير ٿي سگهي ٿي. هن پروجيڪٽ تي هن ڊوائيس جي رٿا تي ڪيليفورنيا ۾ قائم ڪمپني ڪُپرٽينو، ڪيترن سالن کان ڪم ڪري رهي آهي. جنهن جي قيمت لڳ ڀڳ 3,000 آمريڪي ڊالر رکڻ جو اندازو آهي. تازي رٿا موجب 2028 ۾ جاري ڪرڻ جو منصوبو هو، پر وزن، خاصيتن ۽ ڊسپلي ٽيڪنالاجي سان لاڳاپيل انجنيئرنگ مسئلن سبب ان جي امڪاني شروعات هاڻي 2029 يا ان کان به پوءِ تائين ملتوي ٿي سگهي ٿي. هي خبر انهن ماڻهن نالو ظاهر نه ڪرڻ جي ّرط تي ڏني آهي جيڪي هن رٿا سان لاڳاپيل آهن. انهن ماڻهن جي مطابق، ايپل سامسنگ ڊسپلي سان گڏجي لڳ ڀڳ 18 انچ جي اسڪرين تي ڪم ڪري رهيو آهي. هي اسڪرين فولڊ ٿيندڙ ڊسپليز ۾ نظر ايندڙ ڪريز کي گهٽ ڪري ٿي، جيڪو طريقو ايپل پنهنجي ايندڙ فولڊ ايبل آئي فون لاءِ به استعمال ڪري رهيو آهي.










