دڙو (ن سنڌيار) دڙو شھر سميت ڀرپاسي جي مختلف يوسيز جي ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ برسات کانپوءِ گيسٽرو ۽ مليريا تيزي سان پکڙجي وئي، جنھن جي نتيجي ۾ فقط دڙو اسپتال ۾ اڄوڪي ڏينھن تي 110 گيسٽرو ۽ مليريا جي مريضن کي داخل ڪيو ويو آھي، جڏھن تہ دڙي شھر سميت يوسي خانپور، ٻنون، لائقپور، بچل گگو، ڪنڊور ۽ حسين پور جي مختلف ڳوٺن ۾ سوين رهواسي گيسٽرو ۽ مليريا ۾ مبتلا آھن، دڙو، ٻنون، لائقپور، ڪانڌڙا، راھوٺ سميت سمورين سرڪاري توڙي پرائيويٽ اسپتالن ۾ برساتن جي موسم مليريا ۽ گيسٽرو جا مريض ھڪ ٻئي مٿان سٿيل آھن، مريضن جي پيھہ سبب اسپتالن ۾ سھولتن جي سخت اڻاٺ پيدا ٿي وئي آھي، دڙو جي سرڪاري اسپتال ۾ فقط هڪ ڊاڪٽر موجود هجڻ ڪري مريضن کي سخت پريشانين جو منهن ڏسڻو پئجي رهيو آهي، گيسٽرو ۽ مليريا ۾ ورتل مريضن رشيد بروهي، عثمان ميربحر، سڪندر هولاڻي، گل زمان، حاجي ملاح، اسحاق خاصخيلي سميت 110 کان مٿي مردن، عورتن ۽ ٻارڙن کي اسپتال داخل ڪيو ويو آهي، دڙو، ٻنون ۽ ڀرپاسي جي رھندڙ عوام سنڌ حڪومت، صحت کاتي سميت سجاول جي ضلعي انتظاميا کان مطالبو ڪيو آھي تہ گيسٽرو ۽ مليريا تي ضابطو آڻڻ لاء خصوصي قدم کنيا وڃن.










