باڊھ ( سنڌيار) بلدياتي اليڪشن ويجهو ايندي ئي ، ٽائون ڪاميٽي باڊهه 300 ملازمين سميت جو ٽائون آفيسر شھزادو کوکر ۽ اڪائونٽنٽ ڪلارڪ پريل سومرو غائب۔ شھر موئن جو دڙو جا منظر پيش ڪرڻ لڳو ۔هر طرف بدبوء شھري نڪ تي رومال رکڻ تي مجبور انتظاميان گونگي ۽ ٻوڙي وارو ڪردار ادا ڪندي اگهوري ننڍ ۾ ستل ، گٽرن جو پاڻي روڊن تي گڏ ٿيڻ ڪري تلاءَ جو منظر پيش ڪندي . ان سلسلي ۾ باڊهه شهر جي پير تقي شاهه جيلاني جي رهواسين محمد قاسم ٻگهيو طفيل احمد ٻگهيو سعيد احمد ڪورائي سيد زبير علي شاھ اياز علي ڏهوٽ۔ ميڊيا سان ويچار ونڍيندي چيو ته پير تقي شاهه جيلاني جي . نالا هڪ سال کان مٿي عرصو گذرڻ باوجود صفائي نٿي سگهيو ڪيترائي ڀيرائي ٽائون ڪميٽي باڊھ شڪايت کڻي پهتاسين ٽائون آفيسر ۽ ٽائون اڪائوٽنٽ پريل سومرو ڍيوٽي تي موجود نه هجڻ اتان جي عملي کي شڪايت نوٽ ڪرائي ۔ اڳ ته مهيني ۾ هڪ ڀيرو ناليون جي صفائي ڪرائي ويندي هئي شڪايت کان پوء پنهنجي آپي مان نڪري ٻن مهينن کان صفائي ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ۔ گٽرن جي صفائي نه ٿيڻ سبب گندو پاڻي گهرن ۾ داخل ٿي ويو آهي، جنهن سبب هارين ۽ پورهيتن جا ڪيترائي گهر ڊهي پٽ ٿي ويا ، جن جي مرمت نه ٿي سگهي آهي. هن چيو ته گذريل هڪ ٻن مهينن کان گندي پاڻي جي نيڪال لاءِ ڪو به اثرائتو قدم نه کنيو ويو آهي. جڏهن ته نالن جو پاڻي گهٽي ۾ ڀرجي ويو، . ڪچري مان اٿندڙ بدبو ڀرپاسي جي رهواسين جو جيئڻ حرام ڪري ڇڏيو آهي. نمازين کي الله جي گهر وڃڻ ۾ ڏکيائي ٿئي ٿي. هن چيو ته باڊھ انتظاميه ڪيترائي ڀيرا اڪائونٽ ڪلارڪ پريل سومرو کي شڪايتون ڪيون پر هو ڪرپشن جي ماسٽر مائينڊ رشتخور کانسواءِ ڪجهه به ٻڌڻ لاءِ تيار ناهي. . هنن وڌيڪ چيو هن جا ڪارناما حد کان وڌيڪ آهن، پر هن غريب بيواهه عورتن کي به نه بخشيو آهي. بيواھ ٻارن کي تعليم ۽ تدريس ۾ داخل ڪرائڻ لاءِ 300 کان 400 جنم ڏينهن جا سرٽيفڪيٽ پڻ ورتا ٿا وڃن جيڪا سراسر ناانصافي آھي ۽ ڪيتريون بيواھ عورتن ٽائون ڪميٽي باڊھ نااهل رشوت خور لاء پٽون پارتا ڏيندي وڃن ٿيون ۔ پر افسوس انهن جي ٻڌڻ وارو ڪير نه آھي آخر ۾ هن پاڪستان نيب ۔ پاڪستان سپريم ڪورٽ ۔ پاڪستان آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا، وزير اعظم پاڪستان شهباز شريف، پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، پاڪستان پيپلزپارٽي جي ايم اين اي خورشيد احمد جوڻيجو، پاڪستان پيپلز پارٽي جي ايم پي اي سردار حزب الله خان ٻگهيو ، اي سي ڏوڪري ۽ ڊي سي لاڙڪاڻو کان مطالبو ڪيو آهي ته معاملي جو نوٽيس وٺندي سخت ڪارروائي ڪئي وڃي. نااهل ٽائون آفيسر ۽ اڪائونٽ ڪلارڪ پريل سومرو خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي، پير تقي شاهه جيلاني محلي مان ڪچري جا ڍير هٽايا وڃن










