انتظاميه جي بدانتظامي،شهري ميتون ٿنبي تان گذارڻ لڳا

انتظاميه جي بدانتظامي،شهري ميتون ٿنبي تان گذارڻ لڳا

بدين(ن سنڌيار) ڪڍڻ ڀرسان يوسي عبدالله شاه جي ڳوٺ ڪنڊو چانڊيو وٽان سنهي گوني واھ تي موري نه هجڻ ڪري ڳوٺاڻا پنھنجن پيارن جا جنازه واھ مٿان رکيل ٿنڀي تان وڏي مشڪل سان مٿي تي رکي گذارڻ تي مجبور آھن ۔تازو رمضان خاصخيلي جي والده جو جنازو واھ تي رکيل بجلي جي ٿنڀي تان گذاريو پيو وڃي گذريل ڪجهه هفتن اندر فتح محمد ملاح، عطا محمد جا جنازه به اولهه کان اوڀر طرف بجليءَ جي ٿنڀي واري خطرناڪ ڦڙ تان کڻي ديه کنڀرو جي قبرستان گل شاھ ۾ تدفين لاءِ آندا ويا ڳوٺاڻن غلام رسول ملاح، ڪامريڊ الهبچايو چانڊيو، محمد جمن چانڊيو ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان جا چونڊيل نمائندا ووٽن بعد لڀن ئي نٿا اسان سالن کان وٺي پنھنجي پيارن جو ميتون اڳ ۾ گهوني منجهان هاڻ هن ٿنڀي جي ٺهيل پنھنجي مدد پاڻ تحت ٺهيل ڦڙ تان گذاريندا آهيون هنن سنڌ جي وزير اعلي. تڪ جي ايم اين اي. ايم پي اي کان پرزور مطالبو ڪيو آهي ته بنا ڪنهن دير جي موري ٺهرائي ڏني وڃي

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو