حيدرآباد (ن سنڌيار) سنڌ نيشنل پارٽي جي چيئرمين امير ڀنڀرو جي پٽ جي لاش جي ڳولا جاري آهي، عياد امير ڀنڀرو ڪالهه شام ڦليلي واهه ۾ ٽپو ڏنو هو، جنهن جي گهڻي ڳولا باوجود به لاش هٿ اچي نه سگهيو هو. ڊي سي پاران نيوي جا ٽوٻا طلب ڪيا ويا ۽ مقامي ٽوٻن سڄي رات ڳولا جاري رکي، اي سي سٽي اشرف سانگري به ڦليلي واهه تي پهتل هو. اڄ جمعي تي وري ٻيهر ٽوٻن ڳولا شروع ڪئي آهي.










