اميتاڀ ۽ شاھ رخ طرفان يوسف شاھين کي سالگرھ جي مبارڪ

اميتاڀ ۽ شاھ رخ طرفان يوسف شاھين کي سالگرھ جي مبارڪ

ڪراچي: (ويب ڊيسڪ) ننڍي کنڊ جي عظيم اداڪارن اميتاڀ بچن ۽ شاھھ رخ خان سنڌ جي ناليواري اديب، دانشور، صحافي، تاريخدان، شاعر يوسف شاھين کي سندس سالگرھ تي مبارڪون ڏنيون. شاھ رخ خان اھو به ٻڌايو ته ھو موھن جو دڙو عظمت عالم فلم ٺاھڻ جي تياري ڪري رھيو آھي. جنھن جي نگراني سندس زال گوري خان ڪندي جنھن ھن فلم ٺاھڻ لاءِ اڍائي سئو ڪروڙ رپيا مخصوص ڪيا آھن.واضح رھي th ھن فلم جي ڪھاڻي يوسف شاھين لکي آھي. جنھن جو اسڪرپٽ جاويد اختر ۽ گانا مشھور شاعر ۽ پروڊيوسر گلزار لکيا آھن. سنڌ مان يوسف شاھين کي سڀ کان پھرين سالگرھ جي مبارڪباد پروفيسر اياز گل ۽ ڊاڪٽر ادل سومرو ڏني. ساڳئي ڏينھن تي سنڌ جو ناليوارو ٽي وي اينڪر، اديب ۽ ليکڪ ياسر قاضي ۽ شيخ عزيز جو سلڇڻو فرزند طارق عزيز شيخ ڪيڪ کڻي آيا ۽ ھنن باقاعدھ سالگرھ ملھائي. ٻئي ڏينھن تي ڪيترن ئي ڪتابن جو مصنف پروفيسر اعجاز قريشي، سندس دوست امان اللھ شيخ ۽ ليکڪ مختيار احمد ملاح گڏجي آيا جن يوسف شاھين کي اجرڪ اوڍائي. حيدرآباد کان پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽس جي نائب صدر ۽ حيدرآباد پريس ڪلب جي صدر خالد کوکر به يوسف شاھين کي خاص طور تي سالگرھ جون مبارڪون ڏيڻ لاءِ وڏو ڪيڪ کڻي ڪراچي آيو. ان کان علاوھ ٻين اديبن ۽ شاعرن به يوسف شاھين کي مبارڪون ڏنيون انھن ۾ پروفيسر سليم ميمڻ، ڊاڪٽر آفتاب ابڙو، ڊاڪٽر سليم، ڊاڪٽر کٽومل، قاضي منظر حيات، عزيز رانجھاڻي، اشتياق انصاري، ايم بي عباسي، صحافي ظھير ميراڻي، ڪلوڙ سھراب، فاروق خدابخش، اديب يوسف سنڌي، يونس مھر، منظور ڪلھوڙو، اعجاز سرھيو، سينئر صحافي ۽ دانشور دستگير ڀٽي، نفيس احمد شيخ ۽ ٻيا شامل آھن.

پهنجو تبصرو موڪليو