حماس پاران 20 ئي جيئرا يرغمالي آزاد،سندن آزادي  تاريخي فتح قرار

حماس پاران 20 ئي جيئرا يرغمالي آزاد،سندن آزادي تاريخي فتح قرار

غزه (ويب ڊيسڪ)غزه امن معاهدي جي تحت، فلسطيني مزاحمتي تنظيم حماس 20 اسرائيلي يرغمالين کي آزاد ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته اسرائيل 1,700 کان وڌيڪ فلسطيني قيدين کي آزاد ڪرڻ جي عمل ۾ آهي،عرب ميڊيا جي رپورٽن ۾ چيو ويو آهي ته حماس اڄ سمورن 20 اسرائيلي يرغمالين کي مرحلن ۾ آزاد ڪيو، پهرين مرحلي ۾ 7 يرغمالين ۽ ٻئي مرحلي ۾ 13 يرغمالين کي آزاد ڪيو ويو. اسرائيلي ميڊيا موجب، حماس اڄ 28 يرغمالين جا لاش به اسرائيل جي حوالي ڪندو، جڏهن ته 1,700 فلسطيني قيدي اسرائيلي جيلن مان غزه ۽ اولهه ڪناري لاءِ بسن ۾ نڪري رهيا آهن. عرب ميڊيا جي رپورٽن موجب، اسرائيل پاران آزاد ڪيل فلسطيني قيدين کي ڏکڻ غزه ۾ النصره اسپتال آندو ويندو جتي انهن کي طبي امداد ڏني ويندي.ٻئي طرف، غزه امن معاهدي تي باضابطه دستخط جي تقريب اڄ مصر جي شهر شرم الشيخ ۾ منعقد ٿيندي. آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ۽ پاڪستاني وزيراعظم شهباز شريف، رياستن جي سربراهن سان گڏ، غزه امن معاهدي تي دستخط جي تقريب ۾ شرڪت لاءِ مصر پهچي رهيا آهن ….ھوڏانھن آمريڪي صدر جي اسرائيلي پارليامينٽ کي خطاب جي موقعي تي ايوان موجود ميمبرن ڪيترائي ڀيرا ايوان ۾ اُٿي بيھي لڳاتار تاڙيون وڃايون، جڏھن تھ ڪجھھ ميمبرن تقرير دوران احتجاج ڪيو تھ سڪيورٽي گارڊ احتجاج ڪندڙن کي کنڀي ٻاھر کڻي ڪڍي ڇڏيو، آمريڪي صدر پنھنجي خطاب ۾ يرغمالين جي آزادي کي اسرائيل جي تاريخي ڪاميابي ڏيندي ايوان ۾ سندس فتح قرار ڏنو،۽ چيو تھ مون دنيا ۾ جھيڙا، تڪرار ۽ جنگون ختم ڪرايون آھن، ھيلري ڪلٽن تي نالو وٺي تنقيد ڪندي آمريڪي صدر چيو تھ ھيلري ڪلٽن چيو ھو تھ مان جنگون ڪرائيندس پر مان اعلان ٿو ڪيان مان دنيا ۾ جنگون ختم ڪرائيندس. غزھ ۾ جنگبندي اسرائيل جي طاقت جو مظھر آھي جنھن 7 آڪٽوبر 2023ع واري دھشتگردي جو منھن ٽوڙ جواب ڏيئي خطي کي دھشتگردن کان آجپو ڏياريو اسرائيل جي عمل سبب ھولوڪاسٽ ناڪام ٿيا ۽ خطي ۾ امن ٿيو آھي، جيڪو عمل ايندڙ نسل لاءِ امن جو پيغام آھي، ترقي جو پيغام آھي، خوشحالي جو پيغام آھي، ھن چيو تھ جڏھن مان تڪرار ختم ڪرائڻ جي ڳالھھ ڪيا ٿو تھ ھن ايوان ۾ اھا ڳالھھ بھ ڪرڻ چاھيان ٿو مان ايران سان بھ دوستي جو ھٿ وڌائڻ چاھيان ٿو ۽ سچ اھو آھي تھ مان ڊگھو امن چاھيان ٿو ايندڙ دور ۾ دنيا ۾ جنگ ڏسڻ نٿو ڏسڻ چاھيان، اسرائيل دھشتگردي خلاف طاقت استعمال ڪري ناممڪن کي ممڪن بڻايو، ھولوڪاسٽ 7 تاريخ تي اسرائيلن جو وڏو قتل عام ڪيو پر انھن کي اسرائيل سبق سيکاري ڇڏيو آھي اسرائيلي يرغمالي آزاد ٿي اوھان وٽ پھچڻ وارا آھن، مون سميت اوھان لاءِ ھي خوشي جو ڏينھن آھي، ھن چيو تھ اسرائيل کي آمريڪا اڳ بھ ھٿيارن جي طاقت ڏني آھي ھاڻ بھ آمريڪا جي طاقت اسرائيلن سان گڏ آھي،اسرائيل کي آمريڪا ڪڏھن بھ اڪيلو نھ ڇڏيندو، آمريڪي صدر جي خطاب دوران خوشگوار انداز ۾ آمريڪي صدر جو لھجو ڏسي ايوان جا ڪيترائي ميمبر کلندا رھيا ٽھڪ ڏيندا رھيا، ھن چيو تھ اسرائيل سان گڏجي اسان پنھنجي دشمن جي ايٽمي صلاحيت کي ختم ڪري ڇڏيو آھي، ھاڻ اھي اٿي نھ سگھندا، وچ اوڀر ۾ امن ٿيندو، اھا ڪاميابي نھ رڳو اسرائيل ۽ اسان جي آھي پر وچ اوڀر سميت سمورن عرب ملڪن جي بھ آھي، انھن سڀنن مسلمان ملڪن جي بھ آھي جيڪي دھشتگردي جا مخالف آھن، ھن چيو تھ اسرائيل جي پوري دنيا ۾غير معمولي ڪاميابي آھي، غزھھ جو امن معاھدو تاريخي عمل آھي، ۽ سڀني شريڪ ڌرين جو احسان مند آھيان، جن امن لاءِ گڏيل ساٿ ڏنو، ھن چيو تھ ايران ٻيھر ايٽمي ھٿيار ٺاھڻ جي صلاحيت پيو حاصل ڪري پر اسان سيون بي ٽو بمبارن سان ايران جي اھا مڳي ختم ڪري ڇڏي.37 منٽن ۾ سئو جھاز 14 بمن استعمال ڪياسين، ھاڻ ڪڏھن بھ ايران ايٽمي ھٿيارن جي طاقت حاصل نٿو ڪري سگھي. ڪنھن چيو تھ ايران ٻيھر ايٽمي طاقت حاصل پيو ڪري مون انھن کي چيو تھ ايران ۾ ھاڻ اھا صلاحيت ئي ناھي رھي. اسرائيل عمل سان حماس جا ھٿ ھٿيارن کان خالي ڪرايا ويا. ھن چيو تھ اسرائيل اھا پنھنجي جيت حاصل ڪري چڪو آھي جيڪا جيت ھر طاقتور حاصل ڪرڻ چاھيندو آھي،اسان ناممڪن کي ممڪن بڻايو،اسرائيلي يرغمالين جي آزادي تاريخي لمھو آھي. ڇو تھ اھڙو وقت نھ ڪڏھن اڳ ڏٺو آھي نھ وري ايندڙ وقت ۾ ڏسڻ چاھيون ٿا. ھن چيو تھ چار قومون ابراھيمي معاھدي کي مڃين ٿو، عرب ملڪن جا سربراھھ بھ اسان سان گڏ آھن، امن لاءِ نھ رڳو حماس کي غير مسلحھ پر ٿيڻ ضروري آھي، پر آمريڪا حزب اللھّ کي بھ غير مسلحھ ڪرڻ چاھي ٿو، انھن کي ھٿيار ڦٽا ڪرڻ پوندا، اسان جي عمل سان انھن عرب ملڪن کي بھ دھشتگردي ۽ انتھا پسندي مان چوٽڪارو ملندو، جيڪي ساڳي عذاب ۾ آھن، ھن چيو تھ عرب ملڪن جي مدد سان امن ڪرايو آھي ۽ عرب ملڪن جي مدد سان غزھھ جي تعمير ۽ ترقي جي بحالي ڪنداسين، فلسطين تشدد بدران امن جو رستو اختيار ڪندا جيڪو فلسطينن لاءِ بھترين موقعو آھي…”هيءَ تمام وڏي فتح آهي ۽ انهن گڏجي ڪم ڪيو آهي.“ ٽرمپ چيو ته هاڻي اسرائيل ۽ پوري خطي لاءِ سونهرو دور شروع ٿي چڪو آهي.ٽرمپ پنهنجي تقرير جي شروعات ۾ اسرائيلي پارليامينٽ بابت چيو ته ”هي سٺي جاءِ آهي، واقعي ڏاڍي سٺي جاءِ آهي.“ هن چيو ته اڄ اسان هڪ خوشي ۽ اميد سان ڀرپور ڏينهن گڏجي ملهائي رهيا آهيون. ٽرمپ چيو ته اونداهين ۽ قيد ۾ گذريل ٻن ڏکين سالن کان پوءِ 20 بهادر يرغمالي پنهنجي گهرن ڏانهن واپس اچي رهيا آهن. مارجي ويل يرغمالين بابت چيو ته 28 ۽ قيمتي پيارا نيٺ هن مقدس مٽيءَ ۾ هميشه لاءِ آرام ڪرڻ لاءِ اچي رهيا آهن. هن وڌيڪ چيو ته جنگ ختم ٿي وئي آهي، هي علائقو هاڻي امن ۾ آهي ۽ اميد آهي ته سدائين ائين ئي رهندو.

پهنجو تبصرو موڪليو