امريڪي شهرين جي رليف لاءِ تاريخي پيڪج منظور

امريڪي شهرين جي رليف لاءِ تاريخي پيڪج منظور

واشنگٽن(ويب ديسڪ) امريڪي ڪانگريس 1900 ارب ڊالر جو ڪووڊ رليف فنڊ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. جيڪا صدر جو بائيڊن جي پهرين ڪامياب قانونسازي آهي. هو جمع تي بل تي صحيح ڪندو، سينيٽ اڳ ۾ ئي منظوري ڏئي چڪي آهي. ٻنهي ايوانن ۾ ڊيموڪريٽس کي معمولي برتري حاصل آهي پر ريپبلڪن مان ڪنهن به آمريڪي شهرين کي ملندڙ تاريخي رعايتي بل جي مخالفت نه ڪئي. هن رقم مان هر امريڪي کي 1400 ڊالر ملندا، بيروزگارن کي سيپٽمبر تائين 300 ڊالر في هفتو امداد ملندي، 350 ارب ڊالر رياست ۽ لوڪل گورنمينٽ، 130 ارب ڊالر اسڪول کولڻ، 49 ارب ڊالر ويڪسين ريسرچ ۽ 14 ارب ڊالر سڀني شهرين کي مفت ويڪسين لڳائڻ تي خرچ ٿيندا. امريڪا ۾ ڪم ڪندڙ مزدورن جو معاوضو سوا ست ڊالر في ڪلاڪ مان وڌائي 15 ڊالر ڪرڻ وارو بل منظور نه ٿي سگهيو .

پهنجو تبصرو موڪليو