واشنگٽن(ويب ڊيسڪ) امريڪا جي سيڪريٽري اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ يعني پرڏيهي وزير چيو آهي ته 21 هين صدي ۾ امريڪا لاءِ چين هڪ جيوپوليٽيڪل وڏو چيلنج آهي. اسين ضرورت پوڻ تي هر فورم تي سندس مقابلو ڪنداسين. اهڙو اظهار هن پرڏيهي کاتي جي عملدارن کي خطاب ۾ ڪيو. خابرو اداري اي ايف پي موجب هن چيو ته جو بائيڊن انتظاميه دنيا کي درپيش موسمياتي تبديلي ۽ ڪورونا سميت اهم معاملن ۾ فوجي ڪاروائي سميت هر قسم جي مدد ڪندي. هن چيو ته اسانجا چين سان جيڪي تعلقات آهن ان مطابق اسين هن صدي جي وڏي امتحان جو تعين ڪنداسين. اسين هانگ ڪانگ ۽ ايغور معاملن تي چين سان ڳالهائينداسين ۽ جيڪڏهن ايئن نه ڪيو ته چين وڌيڪ بي پرواهي سان ڪم ڪندو رهندو. هن چيو ته چين واحد ملڪ آهي جنهن سان سياسي، معاشي، فوجي، سفارتي ۽ ٽيڪنالوجي جي معاملن ۾ عالمي امتحان کي منهن ڏيڻو ٿو پوي. اسين چين سان چٽا ڀيٽي ڪنداسين ۽ طاقت جي زور تي کيس مصروف رکنداسين يعني روڪينداسين. بلنڪن چيو ته جو بائيڊن فوجي طاقت جو استعمال نه ڪندو، جيتوڻيڪ هن شام نواز باغين خلاف گذريل هفتي حملي جي مظوري به ڏني هئي. هن چيو ته اسين پنهنجي ٽارگٽ جي حصول لاءِ سفارتي ۽ فوجي انداز ۾ هڪ ئي وقت ڪاروائي ڪنداسين بشرط اسانجو مقصد ۽ ٽارگٽ واضع هجي. ياد رهي ته اڳوني صدر ٽرمپ چين تي پابنديون مڙهيون هيون.










