پاسداران کي دهشتگرد قرار ڏيڻ واري امريڪي اعلان جي سعودي پاران حمايت

واشنگٽن (م ڊ) سعودي عرب امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پاران ايران جي پاسداران انقلاب فوجي جٿي کي دهشتگرد ادارو قرار ڏيڻ واري اعلان جي حمايت ڪري ڇڏي آهي. ايران ۽ سعودي عرب ۾ سني شيعه جي بنياد تي ڪافي عرصي کان اختلاف آهن، يمن ۽ شام ۾ ٻئي پراڪسي جنگ به وڙهن پيا. سومر تي امريڪي صدر چيو هو ته ايران بابت سندس اهو قدم هڪ مثالي قدم آهي ۽ ان حقيقت کي تسليم ٿو ڪري ته ايران دهشت گردي کي هٿي وٺرائي ٿو ۽ پاسداران انقلاب دهشتگردي ۾ رياستي آله ڪار آهي. اهو پهريون موقعو آهي ته امريڪا ڪنهن ملڪ جي هڪ رياستي اداري کي دهشتگرد قرارڏنو آهي. صدر ٽرمپ جي ان اعلان بعد سٽيٽ سيڪريٽري مائڪ پومپيو چيو آهي ته هن فيصلي بعد ڪو به امريڪي پاسداران انقلاب يا انهن سان سلهاڙيل ڪمپني يا ڪنهن فرد سان ڪو به وهنوار نه ڪندو ۽ امريڪا ۾ سندن ملڪيت پڻ ضبط ڪئي ويندي. هن چيو ته دنيا جي بئنڪن ۽ ڪاروبارين کي پاسداران انقلاب سان ڪا به ڏيتي ليتي نه ڪرڻ گهرجي. خابرو ادارن جو چوڻ آهي ته امريڪي انٽيليجنس ادارن ۽ پينٽاگون ان فيصلي تي تحفظات ظاهر ڪيا آهن ۽ سندن چوڻ آهي ته مڪمل رابطي تي بندش سبب سفارتي مسئلا پيدا ٿيندا. عراق ۽ لبنان سان امريڪي تعلقات لاءِ به پيچيدگيون پيدا ٿينديون. اهڙين پيچيدگين سبب ئي سابق امريڪي حڪومتون اهڙي فيصلي کان لنوائينديون رهيون. واضح رهي ته 1979 ۾ ايران انقلابي اڳواڻن جي سيڪورٽي لاءِ پاسداران انقلاب فورس قائم ڪئي هئي. هن فورس وارن کي خصوصي فائدا پڻ ڏنا ويندا آهن. مبصرن جو چوڻ آهي ته امريڪي فيصلي سبب يورپي ۽ ايشائي ملڪن، ڪمپنين ۽ سندن نمائندن تي امريڪا پابنديون هڻندو ۽ مشڪل صورتحال پيدا ٿيندي. ڏسڻو اهو آهي ته يورپ ۽ بيا ملڪ ان تي ڪهڙو رد عمل ظاهر ڪن ٿا. واضح رهي ته ايران جي پارليمانيٽ جي 290 ميمبرن مان 255 ميمبرن حڪومت کان جوابي پابندين جو مطالبو ڪيو آهي. جڏهن ته ايران جي پرڏيهي معاملن جي وزير چيو آهي ته امريڪي پابندين سان سيلاب متاثرن جي مدد ۾ مشڪلات پيدا ٿينديون.

پهنجو تبصرو موڪليو