شڪارپور (عبدالخالق سومرو) ايس ايس پي شڪارپور ڊاڪٽر محمد رضوان پاران صوبائي وزير امتياز شيخ، ڀاءُ مقبول شيخ، فراز شيخ ۽ ٻين خلاف ڏنل سيڪريٽ رپورٽ خلاف شيخ برادري ۽ ٻين برادرين پاران شڪارپور ھائوس کان احتجاجي ريلي ڪڍي وئي جيڪا مختلف علائقن کان ٿيندي لکيدر گھنٽا گھر چوڪ تي پھتي جتي ڌرڻو لڳايو ويو. ان موقعي تي ماڻھن پاران ھٿن ۾ پلي ڪارڊ کنيل ھئا جن تي ايس ايس پي شڪارپور کي ھٽايو ۽ امتياز شيخ جي حق ۾ نعرہ درج ٿيل ھئا. ان موقعي تي ريلي کي خطاب ڪندي وسيم صديقي، آغا صلاح خان، اي ڪي لاشاري، ڊاڪٽر غلام رسول، ظفر شيخ، فھيم سومرو، ظفر چنو، ذھير ڊريھو، عبدالوھاب ڪاغذي ۽ ٻين چيو ته ايس ايس پي پاران امتياز شيخ، مقبول شيخ ۽ ٻين خلاف ڏنل رپورٽ جي سخت مذمت ڪريون ٿا، امتياز شيخ ھڪ منتخب نمائندو آھي، جنھن ھميشه شھر جي خدمت ڪئي آھي انھن جو چوڻ ھو ته شڪارپور ۾ امن امان جي صورتحال خراب آھي ماڻھو محفوظ نه آھن چوريون ۽ ڦرون معمول بڻجي چڪيون آھن ايس ايس پي پاران ڏنل رپورٽ ۾ ڪائي حقيقت نه آھي. ھنن مطالبو ڪيو ته ايس ايس پي شڪارپور کي ھٽايو وڃي.










