ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي گورنر ڪامران ٽيسوري چيو آهي ته 10 محرم الحرام جو ڏينهن اسان کي اسلام لاءِ قرباني ڏيڻ جو سبق ڏي ٿو امام حسين جي قرباني تاريخ ۾ اسلام جي سربلندي ۽ اعليٰ مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ شهادت ماڻي ۽ روايت قائم ڪئي. جيڪو هر دور ۾ صراط مستڪيم تي هلندڙن لاءِ هڪ روشن مثال آهي امام حسين جي هن عظيم قرباني مان اسان کي گهڻو ڪجهه سکڻ لاءِ ملي ٿو گورنر چيو ته ڪربلا جي شهيدن پنهنجي قول ۽ فعل سان حق ۽ صدارت جي راه ۾ جانثاري جي عظيم تاريخ رقم ڪئي ان پوري استقامت سان دين حق جي سربلندي لاءِ شهادت ماڻي پر يزيديت جي آڏو ڪنڌ نه جهڪايو هي عظيم الشان قرباني اڄ دنيا جي مسلمانن لاءِ سڀ کان امتياز آهي ڪربلا ۾ حضرت امام حسين پاڻ سميت پنهنجي پوري خاندان جي قرباني ڏني پر باطل جي اڳيان نه جهڪيو ڪربلا جو واقعو قيامت تائين حق ۽ باطل وچ ۾ فرق ڪرڻ جو پيمانو آهي ۽ اهو ايندڙ نسلن لاءِ پيغام به آهي انهي لاءِ ان ڏينهن کي ايڏي اهميت ڏني وڃي ٿي گورنر چيو ته قتل حسين اصل ۾ مرگ يزيد هي، اسلام زنده هوتا هي هر ڪربلا ڪي بعد.










