اليڪٽرڪ بسون اچن پيون اسان جي ڪم کي عالمي ادارن تسليم ڪيو

اليڪٽرڪ بسون اچن پيون اسان جي ڪم کي عالمي ادارن تسليم ڪيو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري وزير شرجيل انعام ميمڻ جي سنڌ جي وڏي وزير جي سيڙپڪاري ۽ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ بابت معاون خاص سيد قاسم نويد قمر سان گڏ آرڪائيوز ڪمپليڪس ڪلفٽن ۾ پريس ڪانفرنس سان خطاب ڪندي چيو آهي ته اليڪٽرڪ بسن جا چارجر اچي ويا آهن ۽ سڀاڻي کان اهي بسون ٻيهر روڊن تي هلنديون . هن چيو ته سنڌ حڪومت پنهنجي شهرين کي بهترين سفري سهولتون فراهم ڪرڻ جي لاءِ مسلسل قدم کڻي رهي آهي ۽ ان سلسلي ۾ هڪ خوشخبري اها به آهي ته سڀاڻي کان ڪراچي ۾ وڌيڪ بسن جو هڪ فليٽ پهچندو. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي هدايتن تي شهري سفري سهولتن جي فراهمي لاءِ بسن جي تعداد ۾ اضافو ٿيندو رهندو ۽ نيون بسون پراڻي بسن کي ريپليس ڪنديون. هن چيو ته بسن جي مانيٽرنگ ايپ لانچ ٿي چڪي آهي. سنڌحڪومت عوام جي زندگي کي مهانگائي جي طوفاني دور ۾ آسان بڻايو آهي. هن چيو ته ميگا پراجيڪٽس ۾ سنڌ حڪومت سڀ کان وڌيڪ ڪم ڪيو آهي. سنڌ جي سرڪاري اسپتالن ۾ صحت جون بهترين سهولتون ميسر آهن ، افغانستان ۽ ايران جا ماڻهو به علاج لاءِ سنڌ جي سرڪاري اسپتالن مان فائدو حاصل ڪري رهيا آهن. هن ٻڌايو ته ڌاٻيجي اسپيشل اڪنامڪ زون تي ڪم شروع ڪري رهيو آهي. ڌابيجي اڪنامڪ زون سيڙپڪاري ۽ روزگار جا بيشمار موقعا آڻيندو. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ون ونڊو آپريشن ذريعي سيڙپڪارن کي سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن. سنڌ ۾ اليڪٽرڪ بسن جو پلانٽ لڳائڻ جو تمام گهڻو امڪان آهي.ان موقعي تي وزيراعليٰ سنڌ جي سيڙپڪاري ۽ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ يونٽ بابت معاون خاص سيد قاسم نويد قمر پريس ڪانفرنس سان خطاب ڪندي چيو ته اسان کي پنهنجي سيڙپڪارن ۽ ڪاروباري ماڻهن جي لاءِ بزنس فرينڊلي ماحول پيدا ڪرڻو آهي، جنهن لاءِ سنڌ حڪومت ڌاٻيجي اڪنامڪ زون تي ڪافي عرصي کان ڪم ڪري رهي آهي. هن ٻڌايو ته 15 جولاءِ کان ڌاٻيجي اڪنامڪ زون جو ترقياتي ڪم شروع ڪيو ويو آهي جيڪو هڪ وڏو سنگ ميل آهي جنهن کي اسان حاصل ڪيو آهي. سيد قاسم نويد قمرچيو ته ڌاٻيجي کي 10 سالن لاءِ ٽيڪس هاليڊي آهي. ڌاٻيجي اڪنامڪ زون سان روزگار ۽ معاشي موقعن ۾ اضافو ٿيندو. سيد قاسم نويد قمرچيو ته ڌاٻيجي اسپيشل اڪنامڪ زون سي پيڪ منصوبو آهي ۽ ان کي ۽ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت تعمير ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته سنڌ حڪومت پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ ۾ وڏا منصوبا ڪاميابي سان مڪمل ڪيا آهن. هن چيو ته ڌاٻيجي اسپيشل اڪنامڪ زون 1500 ايڪڙن جي ايراضيءَ تي پکڙيل آهي ۽ پورٽ قاسم، ڪراچي ايئرپورٽ ۽ مين ريلوي ٽريڪ کان ٿورڙي مفاصلي تي آهي. . هن چيو ته پنهنجي لوڪيشن ۽ امڪانن جي حوالي سان ڌاٻيجي اسپيشل اڪنامڪ زون ملڪ جو ڪامياب ترين اڪنامڪ زون ثابت ٿيندو. سنڌ جي اطلاعات واري وزير شرجيل انعام ميمڻ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي جي حڪومت سمورن شعبن ۾ بهترين ڪم ڪري رهي آهي، وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي قيادت ۾ سنڌ حڪومت سنڌ جي ترقي لاءِ ڏينهن رات ڪم ڪري رهي آهي. هن چيو ته مينگروز لاءِ سنڌ حڪومت جي ڪم کي گينيز بڪ آف ورلڊ رڪارڊ ۾ تسليم ڪيو ويو آهي. سنڌ حڪومت اربن فاريسٽ تي به اهم ڪم ڪيو آهي. هن چيو ته سرڪاري اسپتالن ۾ بهترين علاج صرف سنڌ حڪومت ئي فراهم ڪري رهي آهي ۽ سنڌ جي سرڪاري اسپتالن جو معيار ايترو ته بلند آهي جو ڪنهن کي به هيلٿ ڪارڊ جي ضرورت ناهي، پر سنڌ جي سرڪاري اسپتالن ۾ دنيا جي مهانگي ترين سائبر نائف ۽ ٽرانسپلانٽ جو علاج مفت ڪيو پيو وڃي. اطلاعات واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته سنڌ حڪومت تمام جلد صوبي ۾ سيڙپڪاري ڪانفرنس منعقد ڪندي ته جيئن هتان جي قدرتي وسيلن کي سيڙپڪاري کي پوري دنيا جي سامهون پيش ڪيو وڃي ۽ سيڙپڪاري آندي وڃي. هن چيو ته پوري دنيا جي سيڙپڪارن کي سيڙِپڪاري ڪانفرنس ۾ شرڪت جي دعوت ڏني ويندي. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته اسان کي پنهنجي عوام کي تعميري سرگرمين ڏانهن وٺي وڃڻ گهرجي، هن چيو ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي پرڏيهي دورن ۾ نوجوانن جي لاءِ روزگار ۽ تعليم جي موقعن تي ڳالهايو. ۽ اسان جي مفاهمت جي بادشاهه جناب آصف علي زرداري صاحب سڀني کي مفاهمت جو پيغام ڏنو آهي. هن چيو ته پاڪستان کپي جو پيغام اتحاد، مفاهمت ۽ ترقي جو پيغام آهي، هن چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي ماڻهن کي متحد ڪري ٿي، جوڙي ٿي انهن ۾ اتفاق ۽ محبت قائم ڪري ٿي.هن چيو ته چيئرمين بلاول سڄي پاڪستان جي قوتن کي مفاهمت سان گڏجي ڪم ڪرڻ ترغيب ڏني آهي. سنڌ جي اطلاعات واري وزير چيو ته سنڌ حڪومت هاڻي صوبي جي هر ڊويزن ۾ آئي ٽي انسٽيٽيوٽ، ڪاليج ۽ يونيورسٽيون قائم ڪندي ته جيئن اسان جا نوجوان آءِ ٽي جي شعبي ۾ اڳتي وڌي سگهن.هن چيو ته پيپلز پارٽي جي اعليٰ قيادت سڄي ملڪ ۾ اتحاد ۽ اتفاق جي فضا قائم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي. هي پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جو مقصد آهي، هن چيو ته پيپلز پارٽي نفرت ۽ ويڙهه جي سياست جو خاتمو چاهي ٿي ۽ سڀني کي گڏ کڻي اڳتي وڌڻ تي يقين رکي ٿي، هن چيو ته اسان کي مثبت سوچ سان اڳتي وڌڻو آهي، هن چيو ته اين آءِ سي وي ڊي جهڙيون طبي سهولتون پاڪستان ۾ ڪٿي به نه آهن، پاڪستان جي هر ضلعي ۾ اين آءِ سي وي ڊي جون برانچون هجڻ گهرجن. هن چيو ته هاڻي اسان کي ملڪ کي اڳتي وٺي هلڻو آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته سنڌ حڪومت ڪچي جي علائقن ۾ آپريشن ڪري رهي آهي ۽ تمام جلد عفريت ختم ٿي ويندي.هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته صحافي ايس ايم عسڪري جي گمشدگي بابت آءِ جي سنڌ ۽ جنگ انتظاميه سان ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي آهي ۽ ان جي ڳولا جاري آهي، جلد نتيجا سامهون ايندا. هن هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته نگران حڪومت بابت مون کي ڪا به ڄاڻ ناهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ڪنهن پارٽي خلاف بيان ڏئي هيڊ لائنون بڻائڻ بدران سٺي ڳالهه ڪري هيڊ لائين بڻائي وڃي. هن چيو ته اسان ايم ڪيو ايم سان گڏجي ڪم ڪرڻ چاهيون ٿا. هن چيو ته عوام باشعور آهي، اسين گارين ۽ منافقت جي سياست کي رد ڪري رهيا آهيون، هاڻي عوام پنهنجي مسئلن جو حل چاهي ٿو. عوام جا مسئلا حل ڪري عوام جون دليون کٽيون وڃن، هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پي ٽي آءِ ءِ ايم ايف کي معاهدي تي صحيح ڪرڻ کان روڪڻ جي ڪوشش حب الوطني جو مظاهرو ناهي ڪيو، هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پيپلز پارٽي جي لڙائي جي ڊي اي يا ڪنهن سياسي پارٽي سان نه آهي پر اسان جي لڙائي غربت، جهالت، بيروزگاري ۽ مسئلن سان آهي، جن کي حل ڪرڻ اسان جو مشن آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته سنڌ جي وڏي وزير کير ۽ ڪڻڪ جي قيمتن تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ سخت هدايتون ڏنيون آهن، هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته سنڌ حڪومت تعليم ، صحت ، زراعت، توانائي ، آبپاشي ، هائوسنگ ۽ ٻين شعبن تي تمام گهڻو ڪم ڪري رهي آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته سنڌ مان نڪرندڙ قدرتي وسيلن تي رائلٽي سميت استعمال جو پهريون حق به سنڌ جو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو