اسلام آباد (بيورو) اليڪشن ڪميشن جي ووٽر لسٽن جي حوالي سان وڏو انڪشاف سامهون آيو آهي، ٻيهر تصديق واري عمل کانپوءِ اليڪشن ڪميشن 1 لک 15 هزار 100 ووٽرن کي زنده تسليم ڪيو، جن کي مئل قرار ڏنو ويو، سرڪاري دستاويز موجب هڪ پهرين تصديقي مهم ۾ مجموعي طور 32 لک 8895 ووٽر مئل قرار ڏنا ويا، جڏهن ته ري-فيريڪيشن مهم ۾ 30 لک 93 هزار 877 ووٽرن جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي وئي، دستاويزن ۾ انڪشاف ٿيو ته فيلڊ آفيسن جي ٻيهر تصديق مهم ۾ 1 لک ٽائپنگ جي غلطي سبب 15 هزار ووٽر مئل لسٽن ۾ شامل هئا، ٻيهر تصديق کانپوءِ ووٽر لسٽن ۾ شامل ڪيا ويا، اليڪشن ڪميشن سمورن فيلڊ آفيسن جي چيڪنگ بعد ووٽر لسٽن جي حتمي پڌرائي 25 آگسٽ تي ڪندو. کي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي










