لاهور(ويب ڊيسڪ)پنجاب جي وڏي وزير پرويز الاهي اعلان ڪيو آهي ته وڏو وزير اليڪشن ڪميشن جو فيصلو قبول نه ڪندو.هن چيو ته چيف اليڪشن ڪمشنر جي مقرر ڪيل وڏي وزير کي وڃڻ نه ڏنو ويندو، هو پنهنجي نامزد ڪيل وڏي وزير خلاف عدالت ۾ ويندا.پرويز الاهي چيو ته اليڪشن ڪميشن جي نيت ۽ سوچ جي خبر آهي.هوڏانهن پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر نگران وڏي وزير جي مقرري لاءِ پارلياماني ڪميٽي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي، تحريڪ انصاف احمد نواز سکيرا ۽ نويد چيما جا نالا فائنل ڪري ڪميٽي ڏانهن موڪلي ڇڏيا آهن.مسلم ليگ ن طرفان احد چيما ۽ محسن نقوي جا نالا سامهون آيا آهن.










