اليڪشن ڪميشن نااهل ۽ پي پي جي بي ٽيم آهي: حافظ

اليڪشن ڪميشن نااهل ۽ پي پي جي بي ٽيم آهي: حافظ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)جماعت اسلامي ڪراچي جي امير حافظ نعيم الرحمان چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن نااهل آهي، پيپلز پارٽي جي بي ٽيم کين ڪنهن به صورت ۾ ميئر آڻڻ جي اجازت نه ڏيندي.ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته مڪاني ادارن جي چونڊن ۾ جماعت اسلامي جي يوسيز جا نتيجا جاري نه ڪيا ويا.حافظ نعيم الرحمان چيو ته 9 يو ايس سي جو نتيجو تبديل ڪيو ويو ۽ ڪراچي جي حقن تي ڌاڙو هنيو پيو وڃي.هن چيو ته اليڪشن ڪميشن جي فيصلي کي عدالت ۾ چئلينج ڪرڻ وارا آهيون.حافظ نعيم الرحمان چيو ته 15 سالن کان ڪراچي جا شهري بنيادي سهولتن کان محروم آهن، رمضان المبارڪ ۾ به بجلي ۽ گئس جي لوڊشيڊنگ جاري آهي.امير جماعت اسلامي ڪراچي چيو ته شهر مان گئس ۽ بجلي جي لوڊشيڊنگ فوري طور بند ڪئي وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو