اسلام آباد(بيورو)اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان (اي سي پي) اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي اليڪشن ڪميشن مخالف بيانن جو نوٽيس ورتو آهي. اليڪشن ڪميشن پيمرا کان اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي پشاور ۾ ورڪرز ڪنوينشن جي خطاب جو رڪارڊ طلب ڪري ورتو آهي.ان کان علاوه اليڪشن ڪميشن سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ حليم عادل شيخ، خرم شير زمان ۽ سينيٽر اعجاز چوڌري جا بيان به طلب ڪري ورتا آهن.










