اليڪشن کان اڳ چئلينجز حل ڪرڻا پوندا: گورنر ڪي پي

اليڪشن کان اڳ چئلينجز حل ڪرڻا پوندا: گورنر ڪي پي

پشاور(ويب ڊيسڪ) گورنر خيبرپختونخواهه ۾ عام چونڊن جي معاملي تي مشاورتي اجلاس جي حوالي سان پنهنجي رپورٽ اليڪشن ڪميشن کي موڪلي ڇڏي آهي.خيبرپختونخواهه جي گورنر اليڪشن ڪميشن کي موڪليل رپورٽ ۾ چيو آهي ته هن وقت سڪيورٽي جي صورتحال نازڪ آهي ۽ اضافي سڪيورٽي اهلڪار موجود نه آهن.گورنر خيبرپختونخواهه چيو ته ڏکئي معاشي صورتحال آهي ۽ مردم شماري ٿي رهي آهي، تڪ بنديون ڪرڻيون آهن، عام چونڊن جي تاريخ جو اعلان ڪرڻ کان اڳ اهي چئلينجز حل ٿيڻ گهرجن.رپورٽ ۾ گورنر ڪي پي ڪي جو وڌيڪ چوڻ هو ته چونڊن بابت صورتحال جو آئين ۽ اليڪشن ايڪٽ تحت حل ڳوليو ويو.رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته دهشتگردن خلاف آپريشن ڪجهه مهينن ۾ ختم ٿي ويندو، ان ڳالهه کي به نظر ۾ رکيو وڃي، خيبرپختونخواهه ۾ دهشتگردن جي ڪاررواين جي رفتار وڌي رهي آهي، ضم ٿيل قبائلي ضلعن ۾ امن امان جي صورتحال انتهائي نازڪ آهي. ضم ٿيل ضلعن ۾ دهشتگرد ٽولا اچي آباد ٿيا آهن، ضم ٿيل ضلعن جا رهواسي ٻين ضلعن جي ڀيٽ ۾ 100 سيڪڙو وڌيڪ خطرناڪ آهن، انهن خطرن جي ڪري سياستدانن ۽ پولنگ عملي جي آزاد آمد و رفت ممڪن ناهي.

پهنجو تبصرو موڪليو