اليڪشن کانپوءِ عمران خان گهرواري سان گڏ ٻاهر هليو ويندو: منظور وساڻ

ڪراچي(رپورٽر)خوابن جي بادشاهه پ پ اڳواڻ منظور وساڻ چيو آهي ته ٿي سگهي ٿو عمران خان اليڪشن کانپوءِ پنهنجي گهرواري سان گڏ ٻاهر هليو وڃي، پنجاب ۾ ٿيندڙ ضمني چونڊن ۾ عمران خان هارجي ويندو ۽ نواز ليگ وارا اڪثريت سان ڪامياب ٿيندا. سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي پ پ اڳواڻ منظور وساڻ چيو ته موجوده ڏينهن خطرناڪ ۽ اهم ڏينهن آهن، 2023ع ۾ اهم شخصيتون عمران خان کي ڇڏي ٻين پارٽين ۾ شموليت ڪنديون ۽ عمران خان جا ڪجهه ماڻهو ڪرپشن جي الزام ۾ گرفتار ٿيندا، ڪرپشن جي جن الزام ۾ ٻين کي ڦاسايو ويو هاڻي ان جون حقيقتون سامهون اينديون.منظور وساڻ وڌيڪ چيو ته مان نيب جي ترميم جي حمايت نٿو ڪيا نه ئي منهنجو ڪيس هن ترميم سان لاڳاپيل آهي، اليڪشن کانپوءِ عمران خان پنهنجي گهرواري سان گڏ ٻاهر هليو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو