اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)پي ٽي آءِ سينيٽر فيصل جاويد جو چوڻ آهي ته چونڊن جون تياريون عروج تي آهن، پاڪستان جي تاريخ ۾ آزاد ۽ شفاف چونڊون ٿيڻ واريون آهن.علي محمد خان سان گڏ سپريم ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي سينيٽر فيصل جاويد چيو ته اها سندن روايت آهي، هو عدالتن تي حملا ڪري رهيا آهن.فيصل جاويد چيو ته جيڪڏهن هو پنهنجي ايجنڊا ۾ ڪامياب ٿيا ته سڀ کان پهريان اي وي ايم کي ختم ڪرڻ وارا هوندا، ڇا پاڪستان ۾ ڪرمنل انٽرپرائز ٿيڻ وارو آهي؟ اسان کي آئين تي عمل ڪرڻو پوندو.ان موقعي تي موجود علي محمد خان جو چوڻ هو ته هاڻي معاملو تبديل ٿي چڪو آهي، هاڻي سياست نه پر رياست جو معاملو آهي، ڪجهه ماڻهو نه ٿا چاهين ته عمران خان حڪومت ۾ رهي.علي محمد خان چيو ته ضابطا صرف هڪ عذرا آهن، اصل ٽارگيٽ عمران خان آهي.










