ڪشمير ۾ ڌانڌلي ٿي ته وفاقي حڪومت جي ابتي ڳڻپ شروع ٿيندي

ڪشمير ۾ ڌانڌلي ٿي ته وفاقي حڪومت جي ابتي ڳڻپ شروع ٿيندي

مظفر آباد(ويب ڊيسڪ) چيئرمين
پيپلز پارٽي جي بلاول ڀٽو زرداري مسلم ليگ (ن) کي ڌمڪي ڏني آهي ته جيڪڏهن آزاد ڪشمير جون چونڊون چوري ڪيون ويون ته لکي ڇڏيو توهان جي وفاقي حڪومت جي الٽي ڳڻپ شروع ٿي ويندي.
مظفرآباد ۾ جلسي کي خطاب ڪندي بلاول جو چوڻ هو ته ن ليگ آزاد ڪشمير ۾ صاف ۽ شفاف چونڊون ڪرائي، واعدو آهي ته وفاقي حڪومت کي ڪو مسئلو نه ٿيندو، اسان پنهنجي مينڊيٽ جو تحفظ ڪرڻ ڄاڻون ٿا ۽ ان جو تحفظ ڪنداسين، ڪشمير جي مهاجرن جا مسئلا آهن، جيڪڏهن انهن جو ووٽ چوري ٿيندو ته انهن جا مسئلا حل نه ٿيندا، مستقبل جو فيصلو ڪندڙ ادارن ۾ ڪشمير جي ڪرسي هجڻ گهرجي، ڪشميرين کي سمورا حق ڏيارينداسين، حڪومت ڪشمير جي مسئلن تي ٽرٿ ڪميشن (Truth Commission) جوڙي.
بلاول جو چوڻ هو ته مون وفاقي حڪومت کان سوال ڪيو ته راولا ڪوٽ ۾ اليڪشن نٿي ٿي سگهي، هتي احتجاج، اتي احتجاج، چاهيو ڇا ٿا؟ ڇا توهان چاهيو ٿا ته ميرپور ۽ مظفرآباد ۾ به پيپلز پارٽي جا ڪارڪن احتجاج ڪن؟ اوڏانهن به احتجاج ٿئي، هتي به احتجاج ٿئي، تڏهن مزو ايندو توهان کي؟ اليڪشن جو فيصلو بيلٽ (بيلٽ پيپر) سان ٿيڻ گهرجي، بليٽ (گولي) سان نه، ووٽ جي چوري کي ڪنهن به صورت ۾ نه لڪايو وڃي، حقِ حاڪميت جو مطلب آهي ته جنهن جي حق ۾ ووٽ وڌو وڃي، ان جو ئي ووٽ نڪري، ڪشمير جو فيصلو ڪشمير جا عوام ڪندا.
چيئرمين پيپلز پارٽي جو چوڻ هو ته مهاجرن جي حقيقي نمائندگي محفوظ رهڻ گهرجي، ڪشميري مهاجر اسان جي وجود، تاريخ ۽ تحريڪ جو حصو آهن، اسان ميرپور ۽ مظفرآباد ۾ انٽرنيٽ کولرايو آهي، پونڇ ۾ به انٽرنيٽ کولرائينداسين، ن ليگ جا دوست چون ٿا ته هو ڪشمير کي بسون ڏيندا، ان جو خيرمقدم ڪيون ٿا، لاهور ۾ جيڪو توهان ڪم ڪيو آهي اهو ته ماشاءَ الله، هتي جا عوام پڇندا ته توهان مظفرآباد ۾ ڇا ڪيو؟ مظفرآباد جا عوام ته ڄاڻن ٿا توهان کي، سي ايم ايڇ (CMH) فلائي اوور جي ڪهاڻي معلوم آهي نه، هي جيڪي ڪراچي جي يونيورسٽي روڊ جو ذڪر ڪن ٿا، انهن کي ٻڌايو ته ن ليگ 2020 ۾ 200 فٽن جي پل جو آغاز ڪيو هو، ڇا اها اڄ ڏينهن تائين مڪمل ٿي؟
بلاول جو چوڻ هو ته ن ليگ وارن هن اليڪشن کي زندگي ۽ موت جو سوال بڻائي ڇڏيو آهي، سوچي رهيا آهن ته آزاد ڪشمير ۾ شڪست جو مطلب وفاق ۾ حڪومت جي الٽي ڳڻپ شروع، منهنجو واعدو آهي ته آزاد ڪشمير ۾ صاف ۽ شفاف چونڊون ڪرايو، وفاقي حڪومت کي ڪو مسئلو نه ٿيندو، جيڪڏهن منهنجو مينڊيٽ چوري ڪيو ويو ته مان توهان جي تخت لاءِ اچي ويندس، اسان پيپلز پارٽي وارا آهيون، پي ٽي آئي جا ممي ڊيڊي وارا ناهيون، اسان وٽ جيالا آهن جن ضياءُ الحق ۽ مشرف جو مقابلو ڪيو ۽ شير (شينهن) جي شڪار جا ماهر ٿي چڪا آهن، توهان اهو نه سمجهو ته توهان کي هي ڌاندلي ڪرڻ ڏيندا، انصاف ڪندؤ ته توهان سان به انصاف ڪنداسين، ڌاندلي ڪندؤ ته توهان جي خير ناهي.
هن جو چوڻ هو ته پي ٽي آئي وارن کي پيغام ڏيڻ چاهيان ٿو ته توهان سياست ڪرڻ شروع ڪريو ۽ بائيڪاٽ جي سياست ڇڏيو، پي ٽي آئي وارا اليڪشن، پارليامينٽ، ڪميٽين، پنهنجي ڪم ۽ جدوجهد کان بائيڪاٽ ڪن ٿا، پي ٽي آئي وارن کي بائيڪاٽ ئي ڪرڻو هو ته گهر ئي ويهي رهن ها، پي ٽي آئي وارا بائيڪاٽ نه، اليڪشن وڙهن، پنهنجو هٿ پي ٽي آئي جي سنجيده سياستدانن ڏانهن وڌائي رهيو آهيان، اسان اها سياسي جماعت آهيون جيڪا اليڪشن ۾ ڌاندلي کان تنگ اچي چڪي آهي، هر اهو سياسي ڪارڪن جيڪو پنهنجو فيصلو پاڻ ڪرڻ چاهي ٿو، اهو اچي منهنجي هٿ ۾ پنهنجو هٿ ڏئي.

پهنجو تبصرو موڪليو