اليڪشن بابت پيپلزپارٽي جو ساڳيو موقف آهي: شازيه مري

اليڪشن بابت پيپلزپارٽي جو ساڳيو موقف آهي: شازيه مري

سانگهڙ (ن س) سانگهڙ جي هڪ لک کان وڌيڪ ٻوڏ متاثر عورتن کي گهرن جا مالڪاڻا حق ڏيڻ جي سلسلي ۾ اڄ هڪ تقريب هائي اسڪول سانگهڙ ۾ رٿي وئي جنهن ۾ سماجي تحفظ ۽ غربت جي خاتمي واري وفاقي وزير شازيه مري مهمان خاص طور شرڪت ڪئي ۽ سانگهڙ ضلعي جي هڪ لک 5 هزار 864 بي گهر خاندانن جي عورتن ۾ مالڪاڻن حقن جا سرٽيفڪيٽ ورهايا ۽ پاڪستان پيپلزپارٽي طرفان قدرتي آفتن ۾ عوام سان گڏ بيهڻ واري عزم ورجايو ۽ چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي ئي ملڪ جي اهڙي واحد پارٽي آهي جنهن عوام جي ڏکن کي سمجهندي عوام جي مالي مدد، رليف سميت گهرن جي تعمير لاءِ هڪ وڏي رقم خرچ ڪئي آهي ۽ ان طرح مستقبل ۾ پڻ عوام جي خدمت جاري رکي ويندي. شازيه مري چيو ته ٻوڏن سبب ضلعو سانگهڙ سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيو ۽ عوام مايوس نه ٿيو پر همٿ افزائي جو مظاهرو ڪيو. هن چيو ته موسمياتي تبديلين سبب پاڪستان وڌيڪ متاثر ٿيو جيتوڻيڪ پاڪستان موسمياتي تبديلين جي ڪارڻن ۾ ڪو به حصو ناهي ۽ تبديلين جو ڪارڻ دنيا جا وڏا وڏا ملڪ هجن. هن چيو ته بلاول ڀٽو زرداري انهن اڳوڻن مان آهي جن پنهنجي عوام جي سار سنڀال ڪئي آهي ۽ هن ٻوڏ دوران بنا ڪنهن فرق جي عوام جي خدمت ڪئي. آصف زرداري پڻ صدر جي حيثيت سان عوام جي خدمت ڪئي ۽ ٻوڏ متاثرن جي واهر ڪئي. هن چيو ته سانگهڙ ۾ اسان وڏا وڏا بت ڪيرايا آهن جيڪي فرعون هئا ۽ فرعونيت جي بنياد تي اليڪشن کٽندا هئا پر هاڻي اهي ٻڌي وٺڻ ته خطن ذريعي يا پيغامن تي ووٽ وٺڻ جو دور هليو ويو ووٽر وٽ وڃي ڪري ووٽ وٺڻ جو دور آهي ان ڪري ووٽر جي عزت ڪرڻي پوندي هن چيو ته مان سانگهڙ جي انهن اڳواڻن کان ڊڄڻ واري ناهيان هن مشن ۾ مون کي قتل به ڪري ڇڏيندا ته به پوئتي نه هٽنديس. هن چيو ته اسان بلاول ڀٽو زرداري کي وزير اعظم هائوس پهچائڻ جو خواب ضرور پورو ڪنداسين ۽ ايندڙ اليڪشن ۾ سانگهڙ ۾ جيڪو انقلاب شروع ٿيو هو اهو وڌي ويندو. هن چيو ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام شروع ڪرڻ تي مخالفن تنقيد ڪئي پر پنهنجي دور ۾ به انهن اهو پروگرام جاري رکيو جڏهن ته هن وقت 90 لک عورتون ان پروگرام جو حصو آهن سنڌ حڪومت ٻوڏ متاثرن کي روڪ رقم، اٽي ۽ ٻج تي سنسڊي ڏني. هن چيو ته جي ڊي اي سياسي يتيم آهي هاڻي ان تي ڪون هٿ نه پيو رکي. بعد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شازيه مري چيو ته اليڪشن بابت پيپلزپارٽي جو ساڳيو موقف آهي. پي ٽي آئي اڳواڻ جي گرفتاري بابت هڪ سوال تي هن چيو ته ملڪ جو قانون سڀني لاءِ برابر آهي ڪنهن سان به ناانصافي نه ٿيڻ گهرجي. اسان جا اڳواڻ 13 سال جيل ۾ رهيا ۽ انهن تي الزام ثابت به نه ٿيو هن چيو ته اسان هميشه آئين جي ڊائري ۾ رهي ڪري پرامن سياست ڪئي آهي هي ملڪ هڪ آهي هتي قانون به هڪ ئي آهي. هن چيو ته خواهش آهي ته نگران وزير اعظم اهو شخص هجي جيڪو ملڪ جي حالتن کان واقف هجي ۽ ملڪي ترقي کي پنهنجي ترجيح رکي. تقريب ۽ پيپلزپارٽي جي اڳواڻن شاهد خان ٿهيم، جاويد ناياب لغاري ،جهانگير جوڻيجو، عمر گل هنڱورجو، ڪمشنر محمد عباس بلوچ، ڊي آئي جي يونس چانڊيو، ڊپٽي ڪمشنر سانگهڙ محمد اسحاق گاد ۽ ٻي شرڪت ڪئي ان موقعي تي بي گهر ٻوڏ متاثر عورتن ۾ گهرن جي مالڪاڻن حقن جا سرٽيفڪيٽ ورهايا ويا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو