المهراڻ ڪرڪٽ ٽورنامينٽ امر منيش ڪلب کٽي ورتو

ڏيپلو (ن س) المھراڻ فرسٽ نائيٽ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ ٿي گذريو جنهن جو فائنل امر منيش ڪرڪيٽ ڪلب مٺي پنهنجي نالي ڪري ورتو.  ٽورنامينٽ ۾ ٿرپارڪر جي 16 ٽيمن حصو ورتو جنهن مان آخر ۾ امر منيش ڪرڪيٽ ڪلب مٺي ۽ ڪارونجهر ڪرڪيٽ ڪلب مٺي وچ ۾ فائنل کيڏيو ويو.  ڪارونجهر ڪرڪيٽ ڪلب پهرين بئٽنگ ڪندي مقرر 6 اورن ۾ 37 رنسن جو ٽارگيٽ ڏنو  جيڪو امر منيش 2.1 اور ۾ پورو ڪري فائنل کٽي ٽورنامينٽ پنهنجي نالي ڪري ورتو. ٽورنامينٽ فداحسين ڪلر، فرحان بجير، افنان بجير، ڀليڏنو ڪلر، ڪريمڏنو ڪلر، راڻا اسلم ڪلر، اويناش گدواڻي ۽ عباس ڪلر آرگنائيز ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو