ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)اقليتي معاملن واري صوبائي وزير گيانچند ايسراڻي صوبي ۾ کاتي جي تحت هلندڙ اسڪيمن جي پنجن سالن جي ڪارڪردگي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي، صوبي ۾ مڪمل ٿيل ۽ جاري ترقياتي منصوبن جي رپورٽ ريجن وائز هڪ هفتي اندر پيش ڪئي وڃي. اها هدايت صوبائي وزير منصوبن جي بابت جائزي اجلاس جي صدارت ڪندي ڏني جائزو اجلاس سيڪريٽري آفيس جي ڪميٽي روم ۾ منعقد ٿيو، جنهن ۾ سنڌ جي ڊائريڪٽرن، ڊپٽي ڊائريڪٽرن ۽ ٻين لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي. ان موقعي موجود ڊائريڪٽر سنڌ مهيش لعل دوداني کاتي جي تحت جاري ترقياتي اسڪيمن جي باري ۾ صوبائي وزير کي تفصيلي بريفنگ ڏني. صوبائي وزير چيو ته پيپلز پارٽي هميشه عوام جي خدمت کي اوليت ڏني آهي ۽ عوام کي بنيادي سهولتون سندن در تي فراهم ڪيون آهن، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو هڪ ويزن ۽ هڪ مشن آهي. سندس رهنمائيءَ ۾ سنڌ حڪومت ان خواب ۽ مشن کي پورو ڪرڻ لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهي آهي. گيانچند ايسراڻي وڌيڪ چيو ته صوبي جي سمورن ضلعن ۾ اقليتن لاءِ هلندڙ ترقياتي اسڪيمون پ پ قيادت جي اقليتن سان محبت جو مظهر آهن. صوبائي وزير اقليتي معاملن واري ڊائريڪٽر سنڌ کي هدايت ڪندي چيو ته سمورا منصوبا مقرر معيار موجب مڪمل ڪيا وڃن. هن وڌيڪ چيو ته ترقياتي منصوبن ۾ معياري مواد جي استعمال کي يقيني بڻايو وڃي، اجلاس جو مقصد هلندڙ ترقياتي منصوبن جي بروقت مڪمل ٿيڻ ۽ انهن جي رفتار جو جائزو وٺڻ آهي، ان سلسلي ۾ ڪنهن به قسم جي غفلت برداشت نه ڪئي ويندي. صوبائي وزير اقليتي کاتي جي ڊائريڪٽر کي هدايت ڪئي ته هلندڙ ترقياتي ڪم جلد کان جلد مڪمل ڪيا وڃن ۽ هڪ هفتي اندر مڪمل ٿيل ۽ هيٺ پيل اسڪيمن جي رپورٽ پيش ڪئي وڃي. هن آفيسرن تي زور ڏيندي چيو ته سمورن قدمن کي هر حال ۾ ميرٽ ۽ شفافيت کي نظر ۾ رکندي سمورن مرحلن کي مڪمل ڪيو وڃي ۽ ان سلسلي ۾ ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي.










