ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) اقليتي معاملن واري صوبائي وزير گيانچند ايسراڻي چيو آهي ته پاڪستان پيپلز پارٽي جي حڪومت اقليتن جي حقن کي پنهنجي ايجنڊي ۾ مٿانهون لسٽ تي رکندي آهي. هن چيو ته اقليتي ملڪ جي تعمير ۽ ترقي ۾ بي پناهه ڪردار ادا ڪيو آهي. اقليتي برادري اسان جي معاشري جو لازمي حصو آهي ۽ تعليم ۽ صحت جي شعبن ۾ ان جو بي مثال ڪردار رهيو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن گلشن سجاد حيدرآباد ۾ سناتن ڌرم ست سنگ هال جي توسيع مرمت ۽ بحالي جي تعميراتي ڪمن جي افتتاح جي موقعي تي ڪيو. ان موقعي تي انجنيئر منوبر لعل، ڊاڪٽر پرديپ ڪمار، ڀيرومل، ڪمليشور، انجنيئر پنجو مل روهره، انجنيئر ڌرم بجاج، کهيم چند پنجواني ۽ مقامي ماڻهن جي وڏي تعداد پڻ موجود هئي ان کان اڳ صوبائي وزير کي مڪمل ٿيل اسڪيم ۽ ان جي مڪمل ٿيڻ جي مدت جي باري ۾ تفصيل سان آگاهه ڪيو ويو. ان موقعي تي ڳالهه ٻولهه ڪندي صوبائي وزير اقليتي معاملن چيو ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي ويزن تي عمل ڪرڻ لاءِ سخت محنت ڪري رهيو آهي ۽ اقليتن لاءِ سوين ڀلائي ۽ ترقياتي اسڪيمون شروع ڪيون آهن. صوبائي وزير چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي اقليتي ۽ پٺتي تي پيل طبقن کي پارليمينٽ ۽ مڪاني ادارن ۾ نمائندگي ڏيڻ جون مثاليون قائم ڪيون آهن. هن چيو ته جيستائين اقليتي جي نمائندگي جو تعلق آهي پاڪستان پيپلز پارٽي ان کي قومي وهڪري ۾ آندو آهي. ان کان اڳ هندو برادري سان واسطو رکندر معززين صوبائي وزير کي سنڌ جو روايتي اجرڪ پارايو، ان موقعي تي اتان جي هندو برادري جي اسڪيم جي افتتاح تي سنڌ حڪومت ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جو شڪريه ادا ڪيو. جڏهن ته آخر ۾ ملڪي سلامتي، خوشحالي، ترقي ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري، بلاول ڀٽو زرداري ۽ فريال ٽالپر جي صحت ۽ وڏي عمر جي لاءِ خاص دعائون پڻ گهريون.










