اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)پاڪستان شوبز انڊسٽري جي مشهور اداڪارا اقرا عزيز جي اسڪائي ڊائيونگ جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آهي.تازو ئي اداڪارا اقرا عزيز پنهنجي انسٽاگرام اڪائونٽ تي هڪ وڊيو شيئر ڪئي جنهن ۾ هوءَ اسڪائي ڊائيونگ ڪندي نظر اچي رهي آهي.وڊيو ۾ اقرا عزيز دبئي ۾ اسڪائڊائيونگ ڪري رهي آهي، هن جو چوڻ آهي ته اسڪائي ڊائيونگ تمام گهڻو مزو آهي، هر ڪنهن کي پنهنجي زندگي ۾ اها ڪوشش ڪرڻ گهرجي.










