افغان عورتن جي فٽبال ٽيم کي پرتگال ۾ پناهه ملي وئي

لزبن (ويب ڊيسڪ) افغانستان ۾ طالبان پاران عورتن جي راندين ۾ شرڪت تي پابندي بعد فٽبال کيڏندڙ ڇوڪرين کي گهر ڀاتين سميت پرتگال ۾ پناهه ملي وئي آهي. 80 ماڻهن کي ڪرسٽيانو رونالڊو جي ديس ۾ پناهه افغانستان جي فٽبال ٽيم جي ڪپتان فرخنده جي ڪوششن سبب ملي.

Screen shot courtesy Reuters

جيڪا پاڻ ڪيناڊا ۾ فٽبال جي اسسٽنٽ ڪوچ آهي. رائٽر جي خبر موجب 15 سالن جي سارا جيڪا والده ۽ ساٿي رانديگرياڻن سان پرتگال جي گادي واري شهر لزبن ۾ بيلم ٽاور گهمي رهيون هيون ڳالهائيندي چيو ته هاڻي مان آزاد آهيان راند کيڏندس ۽ رونالڊو جهڙي ڀلي راند کيڏندس. هن چيو ته هتي مان پنهنجي فيورٽ فارورڊ رونالڊو سان ملاقات به ڪري سگهندس.

پهنجو تبصرو موڪليو