افغان سفير جي ڌيءَ اغوا نه ٿي هئي، فون ڊيٽا ڊليٽ ڇو ڪئي؟

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي گهرو کاتي جي وزير شيخ رشيد احمد چيو آهي ته افغان سفير جي ڌيءَ اغوا نه ٿي هئي، هن واقعي کي بنياد بڻائي ڪابل ۽ نئين دهلي دنيا ڀر ۾ پاڪستان بدنام ڪرڻ جي مهم هلائي. راولپنڊي ۾ پريس ڪانفرسن ڪندي هن چيو ته واقعي ۾ سموري جاچ مڪمل ڪئي آهي، سفير جي ڌيءَ اغوا نه ٿي هئي، سمورا ٽيڪسي ڊرائيور بي گناهه آهن ۽ ڪنهن به ٽيڪسي ڊرائيور ڪو ماڻهو نه ويهاريو هو. هن چيو ته پاڪستان خلاف سازش ٿي رهي آهي اوهين ٽائمنگ ڏسو ته ايف اي ٽي ايف جي اجلاس کان اڳ لاهور ۾ حافظ سعيد جي گهر لڳ بم ڌماڪو ٿيو، سيپيڪ جي جوائنٽ ڪميٽي جي ميٽنگ کان اڳ ۾ داسو حملو ٿيو، افغانستان بابت امن ڪانفرنس کان اڳ سفير جي ڌيءَ جو معاملو اٿاريو ويو. هن چيو ته هي پاڪستان خلاف هائبرڊ وار جو حصو آهي. شيخ رشيد چيو ته هڪ ڪوڙي واقعي جي بنياد تي افغان سفير کي واپس نه وڃڻ گهرجي ها، هن چيو ته اغوا جو واقعو نه هوندي به افغان سفير جي درخواست تي اغوا جو ڪيس داخل ڪيو ويو، هاڻ سندن ذميواري آهي ته افغان سفير جي ڌيءَ جاچ جو حصو ٿئي ۽ ڏوهارين جي سڃاڻپ ڪري. هوءَ جن چئن ٽيڪسين ۾ ويٺي سي سمورا ڊرائيور بي گناهه آهن، هن انٽرنيٽ استعمال ڪيو پر اسان کي جيڪا فون ڏني تنهن مان ڊيٽا ڊليٽ ڪئي وئي هئي. ياد رهي ته 16 جولاءِ تي افغان سفير نجيب الله علي خيل جي 26 سالن جي ڌيءَ سلسله علي خيل جي مبينه اغوا جو واقعو ٿيو هو جيڪو 17 جولاءِ تي رپورٽ ٿيو، جنهن ۾ ڇوڪري چيو ته هوءَ بليو ايريا مان ڀاءُ لاءِ گفٽ خريدن وئي واپسي تي هوءَ جنهن ٽيڪسي ۾ سوار ٿي ان توري فاصلي بعد هڪ شخص کي ٽيڪسي ۾ ويهاريو مون اعتراض ڪيو ته ٻيو ماڻهو به ويٺو جن مون تي تشدد ڪيو ته مان بيهوش ٿي ويس، جڏهن هوش آيو ته مون تي تشدد ٿيل هو، پمز اسپتال مان ميڊيڪل ڪرائي تهرپورٽ ۾ تشدد ۽ حملو ثابت ٿيو. حڪومت 18 جولاءِ تي ڪيس داخل ڪري جاچ شروع ڪئي ته 19 جولاءِ تي افغان سفير کي ڪابل حڪومت واپس وطن طلب ڪري ورتو.

پهنجو تبصرو موڪليو