اسلام آباد(رپورٽ الله وسايو گهوٽو) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته 44 سيڪڙو آمريڪي ۽ اتحادي فوج افغانستان مان نڪري چڪي آهي.هن چيو ته افغانستان مان پرڏيهي فوج جي نڪرڻ وارو عمل شروع ٿي چڪو آهي. افغانستان مان آمريڪي ۽ اتحادي فوج جي مڪمل نڪرڻ لاءِ 11 سيپٽمبر جي تاريخ جو اعلان ٿي چڪو آهي. هن چيو ته افغانستان هن وقت نازڪ مرحلي ۾ داخل ٿي چڪو آهي.شاهه محمود قريشي چيو ته افغان پرڏيهي وزير کي پاڪستان جي دوري جي دعوت ڏني آهي. افغان قومي سلامتي جي صلاحڪار جي غير ذميوارانه بيان سان ڏک ٿيو آهي. آمريڪي فوج جلد افغانستان جو بٽگرام ايئربيس افغان فورسز جي حوالي ڪري ڇڏيندي. بٽگرام ايئربيس آمريڪي ۽ نيٽو فوج جي استعمال هيٺ رهندڙ سڀني کان وڏو فوجي اڏو آهي جيڪو 1980 واري ڏهاڪي ۾ اڳوني سوويت يونين تعمير ڪيو هو.هوڏانهن پينٽاگون موجب افغانستان مان 31 مئي تائين آمريڪي فوج جي نڪرڻ جو 44 سيڪڙو ڪم مڪمل ٿي ويو آهي. گڏيل طور تي هينئر تائين ايترو سامان افغانستان مان واپس اماڻيو ويو آهي جيترو 300 سي 17 فوجي جهازن تي آڻي سگهجي ٿو.
خط مامرو: هاءِ ڪورٽ جي سڀني ججن کان تجويزون طلب
جاپاني شهرين جي گاڏي لڳ ڌماڪو 2 فوت ۽ 2 زخمي
عالمي واٽر سمٽ ۾ گورننس کي بهتر ڪرڻ تي زور
ٽي ايل پي بابت رپورٽ صوبائي حڪومت سان شيئر نه ڪئي وئي
پشاور ۽ بلوچستان جي چيف جسٽسز جي نالن جي منظوري
دهشتگردن سان ڳالهيون نه ٿينديون، تارڙ جو پاليسي بيان
آءِ ايم ايف پاران مختصر مدي وارو پروگرام وٺڻ جي صلاح
بلوچستان جي 14 رڪني ڪابينا حلف کڻي ورتو
ڪينيا جو آرمي چيف ڏهه آفيسر سميت اجل جو شڪار
خصوصي سيٽن وارن ميمبرن کان حلف وٺڻ جو حڪم
حدبندي جو تڪرار ، پينو فقير عدالت پهچي ويا
ٽڪ ٽاڪ پاران نئين ايپ متعارف
ايران تي اسرائيلي جارحيت، صورتحال جو جائزو وٺون پيا، ترجمان
جمشيد دستي ۽ اقبال احمد خان تي اجلاس ۾ شرڪت تي پابندي
مبينا جاسوسي جي جوابدار جي ضمانت واري درخواست رد
دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين سڪون سان نه ويهنداسين
دنيا جي سڀ کان وڏي چونڊ، ڀارت ۾ ووٽنگ شروع
انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 278 رپيا 50 پئسا ٿي ويو
ٽرانسپورٽ جو ڀڳل ٽٽل نظام
ڌاڙيلن خلاف جديد ٽيڪنالاجي سان گڏيل آپريشن جو فيصلو