افغانستان مان نيٽو فوج جي واپسي ملتوي ڪرڻ جو اعلان

ڪراچي (ويب ڊيسڪ)اتر ايٽلانٽڪ ٽريٽي (نيٽو) ۾ شامل 30 ملڪن جي فوج افغانستان ۾ طالبان سان امريڪي امن معاهدي بعد پنهنجي فوج واپس گهرائڻ وارو فيصلو ڪجهه وقت لاءِ ملتوي ڪري ڇڏيو آهي. نيٽو جي سيڪڙيٽري جنرل جينس اسٽولٽن اهڙو اعلان ورچوئل پريس ڪانفرنس دوران ڪيو. امريڪي صدر جو بائيڊن جو چوڻ آهي ته ڪو به اهم فيصلو ڪرڻ کان اڳ افغانستان حڪومت کي اعتماد ۾ ورتو ويندو. نيٽو جي اعلان بعد امريڪي پرڏيهي سيڪريٽري اينٽونيو بلنڪن افغان صدر اشرف غني سان فون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ چيو ته نيٽو فوج جي واپسي تڏهن ممڪن ٿيندي جڏهن سيڪورٽي صورتحال بهتر ٿيندي.  

پهنجو تبصرو موڪليو