اغوا ٿيل خيرپور واسين کان هڪ ڪروڙ 20 لک ڀُنگ طلب

خيرپور(سجاد علي ڪٻر) ڪنڌڪوٽ مان 12 ڏينهن اڳ اغوا ٿي ويل خيرپور واسي بازياب نه ٿيا, ڌاڙيلن مغوي زاهد پلهه جي فون تان سندس وارثن سان فون تي رابطو ڪري هڪ ڪروڙ 20 لک رپيا ڀنگ جي گهر ڪئي آهي. مغوين جي وارثن موجب ڌاڙيلن رابطو ڪري ڳري رقم ڏيڻ جو مطالبو ڪيو آهي نه ڏيڻ جي صورت ۾ مغوين کي قتل جي ڌمڪي ڏني وئي آهي. دعوت ڏئي ڪنڌڪوٽ گهرائي اغوا ٿيلن ۾ ميرڻ عرف امير بخش، زاهد، ساجد پلهه، غلام قادر چنو، ٽيڪسي ڊرائيور اشرف سولنگي ۽ 6 ورهين جو نينگر شهاب الدين پلهه کي اغوا ڪيو ويو هو ڌاڙيلن پاران فون ڪري ڀنگ طلب ڪرڻ واري عمل کان پوءِ وارث سخت پريشاني جو شڪار. هنن اعليٰ اختيارين کان مغوين جي بازيابيءَ جو مطالبو ڪيو آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو